Book Name:Shan e Sahaba

(الریاض النضرۃ، الباب الاول ،ذکر ماجاء فی الحث علی حبہم والاحسان الیہم …الخ ،۱/۲۲)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

رحمتیں لاکھوں ابُو بکر وعُمر عُثمان پر

 

میرے مَولیٰ حیدرِ کَرَّار پر لاکھوں سلام

ہے یقیناً ہر صحابی جاں نثارِ مُصطفٰے

 

ہرمُہاجر اور ہر اَنْصار پر لاکھوں سلام

ڪتاب جوتَعارُف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جو شان اِيتري قدر بُلند ۽ اعلٰي آهي جو قديم زماني کان ئي انهن جي سيرتِ مُبارَڪه جي مُتَعَلّق مُختلف ڪتاب ۽ رَسالا لکجي چڪا آهن ۽ هن وقت تائين هي سلسلو جاري ۽ ساري آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي طرف کان هن بيان تائين عشرہء مُبَشَّرہ مان شيخينِ ڪريمَين (سَيِّدُنا ابُوبڪر صديق ۽ سَيِّدُنا فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا) جي سيرت تي ضخيم ڪتاب بنام ”فيضانِ صديقِ اڪبر رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ“ ۽ ”فيضانِ فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جا 2 جلد ۽ ڇھن (6) صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي سيرت تي مُختصر رَسالا به شائع ٿي چڪا آهن۔ ان کان علاوه صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي ڪرامتن تي مُشتمل تمام ئي پيارو ڪتاب ڪراماتِ صحابه به مڪتبة المدينه کان ہديةً حاصل ڪري سگھجي ٿو۔ ان کان علاوه ”فيضانِ اُمُّہات المؤمنين، فيضانِ عائشہ صديقه، شانِ خاتونِ جنّت“ به شائع ٿي چڪا آهن۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان انهن ڪتابن ۽ رسالن کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) به ڪري سگھجي ٿو ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو ۔