Book Name:Shan e Sahaba

آهي، جنهن خالِص عِلمي، تحقيقي ۽ اِشاعتي ڪم جو پڪو عهد ڪري رکيو آهي۔ ’’ المَدينة العلميه ‘‘ جي پهرين ترجيح اعلٰي حضرت، اِمامِ اَہلسنّت مولانا شاھ امام اَحمد رَضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي عالي مرتبي وارن ڪتابن کي دورِ حاضر جي تقاضن جي مطابق وَس آهر آسان انداز ۾ پيش ڪرڻ آهي۔ ” المَدينة العلميه جي مختلف شعبہ جات ۾ 80 کان وڌيڪ مَدَني علماء تحرير ۽ تاليف ۽ تحقيقي ڪمن ۾ مصروف آهن۔اللہ عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي تمام مجالس بَشُمُول ”المَدينة العلميه کي ڏينهن يارهين ۽ رات ٻارهين ترقّي عطا فرمائي ۽ اسان جي ہر عملِ خَير کي زيورِ اِخلاص سان سينگاري ٻنهي جہانن جون ڀلايون نصيب فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

ٻارنهن مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم صداءِ مدينه لڳائڻ به آهي:

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِخلاص ۽ اِستِقامت سان گڏ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حصَّو وٺو۔ انهن 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه لڳائڻ“ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مُسلمانن کي نَمازِ فَجر جي لاءِ جاڳائڻ کي صَداءِ مدينه لڳائڻ چوندا آهن۔ يقينًا هن وقت مُسَلمان دين کان تمام پَري ۽ فڪرِ آخرت کي ڇڏي ڪري دُنيا جي فڪر ۾ مصروف آهن۔ سُنّتون ۽ نَفل ته پَري جي ڳالھ ماڻهن جي اَڪثَرِيت فرض نمازن به قَضا ڪري ڇڏيندي آهي۔ انهيءَ سبب جي ڪري اسان جون مَسجدون وِيران