Book Name:Shan e Sahaba

وِلايت دَرحقيقت قُربِ الٰہي جو نالو آهي ۔ قُربِ الٰہي جنهن کي جيتري قدَر وڌيڪ حاصل ہوندو، اوتري قدَر ان جي ولايت جو درَجو بُلند کان بُلند تَر هوندو۔ صَحابهء ڪِرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم جيئن ته نگاھـِه نُبُوَّت جي اَنوار ۽ فَيضانِ رسالت جي فيض ۽ بَرَڪتن کان مُستَفِيض آهن، تنهنڪري بارگاھـِه خُداوَندي ۾ اُنهن بزرگن کي جيڪو قُرب ۽ تَقرُّب حاصل آهي، اهو ٻين اَولِياءُ اللہ کي حاصل ناهي۔ جيتوڻيڪ صَحابهء ڪِرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم کان تمام گھٽ ڪرامتون صادِر (جاري) ٿيون، پر پوءِ به صَحابهء ڪِرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم جو دَرَجہء وِلايت ٻين اَولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ السَّلَام کان تمام گھڻو اَفضل ۽ اَعلٰي ۽ بُلند و بالا آهي۔ (کرامات ِصحابه، ص۵۳)

یہ مُہریں ہیں فرمانِ ختم الرسل کی

 

ہے دِینِ خدا شاہکارِ صحابہ

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جو شان اهڙو بي مثال آهي جو ڪوبه سندن مَقام ۽ مرتبي تائين ہرگز نه ٿو پہچي سگھي۔ اِنهي مُبارَڪ ہستين دين جي سَربُلندي جي لاءِ پنهنجون جاني ۽ مالي قُربانيون پيش ڪيون، دينِ اسلام جي شُهرت ۽ اِشاعت جي لاءِ گھرٻار ڇڏي سفر جي مُشڪلاتن ۾ ڪڏهن صَبر جو دامن نه ڇڏيو۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اسان مُسلمان آهيون، اسان جي ہٿن ۾ قرآنِ ڪريم جي صُورت ۾ اَحڪامِ اِلٰہي ۽ اَحاديثِ ڪريمه جي صُورت ۾ فرامينِ نَبَوي به اُنهن مُقدَّس ہستين جي ڏينهن ۽ رات جي محنتن ۽ ڪوششن جو نتيجو آهن۔ تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان پنهنجي ان محسنين (احسان ڪندڙن) جي مَحَبَّت ۽ عظمت کي پنهنجي دل ۾ پيدا ڪيون، انهن جي نَقشِ قدم