Book Name:Shan e Sahaba

اَہلِ حَبشه مان سڀ کان پہرين جنّت ۾ داخل ٿيڻ وارو آهن۔ (کنزالعمال،ج۷ ص: ۳۴۴،حدیث:۳۳۶۷۲) منهنجا سڀ صحابه منهنجي ويجھو مُعزَّز (عزت وارا) ۽ محبوب آهن، چاهي اهو حبشي غُلام ہجي۔ (کنزالعمال،ج۷ ص: ۳۴۵،حدیث:۳۳۶۷۴)

نمایاں ہیں اِسلام کے گلستاں میں

 

ہر اِک گل پہ رنگِ بہارِ صحابہ

هدايت جا چشم و چراغ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! مَولاءِ ڪُل، فَخرِ رُسُل صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جو ڪهڙو شان ۽ عظمت بيان فرمائي ۽ خُود حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اها خواهش آهي ته منهنجي اُمَّت منهنجي صحابين جي خُوب خُوب تعظيم ۽ ادب ڪري، تنهنڪري اسان کي به فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي عمل ڪندي تمام صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان سان سچي مَحَبَّت رکڻ گھرجي ۽ انهن جي سيرت ۽ ڪردار تي عمل ڪندي، پنهنجي زِندگي گذارڻ گھرجي، ڇو جو هي راھِ ہدايت جا اُهي روشن سِتارا آهن ، جن جي باري ۾ مديني جي سلطان، رَحْمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: اَصْحَابِي كَالنُّجُومِ فَبِاَ يِّہِمْ اِقْتَدَيْتُمْ اِهْتَدَيْتُمْ ([1]) يعني منهنجا صحابه (رِضۡوَانُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن) سِتارن وانگر آهن، توهان اِنهن مان ڪنهن جي به اِقتدا (پيروي) ڪندؤ ته ہدايت حاصل ڪري وٺندؤ۔ مُفسّر شهير ، حڪيمُ الاُمّت ، حضرتِ مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الحنّان ان حديث جي شرح ۾ فرمائن ٿا : سُبحٰن اللّٰه ! ڪهڙي نه نَفيس (پاڪيزه) تشبيھ آهي، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجي صحابه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم

 



[1]…مشکاۃ المصابیح،کتاب المناقب،باب مناقب الصحابۃ، ۲/۴۱۴، حدیث: ۶۰۱۸