Book Name:Shan e Sahaba

سان مُتَّصِل (جڙيل) هوندو آهي،اهو پوري ريل کي اِنجڻ جو فَيض پہچائيندو آهي اِنجڻ ان دٻي کي ڇڪيندِي آهي۽ سڀ دٻا ان جي ذريعي ڇڪبا آهن۔ ([1])

صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي عظمت ۽ فضيلت

حضرت سَيِّدُنا عبدُ اللہ بن مسعود رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ هڪ مَوقعي تي صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي عظمت ۽ فضيلت تي روشني وجھندي، ارشاد فرمائن ٿا: جيڪو شخص راھِ راست (سڌي رستي) تي هلڻ چاهي، اُن کي گھرجي ته اُنهن ماڻهن جي رستي تي هلي ۽ اُنهن جي پيروي ڪري، جيڪي هن جہان مان گُذري ويا جو زِنده (يعني اهي ماڻهو جن تي اڃا تائين موت طاري ناهي ٿيو اُنهن) جي باري ۾ هي انديشو مَوجود آهي ته اهي دين ۾ ڪنهن فتني ۾ مُبتَلا ٿي وڃن ۽ هي ماڻهو رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان آهن۔ هي حضرات اُمّت ۾ سڀ کان وڌيڪ اَفضل آهن، پوري اُمَّت ۾ سڀ کان وڌيڪ انهن جون دليون نيڪوڪار، انهن جو عِلم سڀ کان وڌيڪ گَہرو ۽ انهن جا عملَ تَڪَلُّف (يعني بناوٽ) کان خالي آهن، هي اهي ماڻهو آهن جن کي اللہ تعالٰي پنهنجي نبي (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي رَفاقت ۽ صُحبت ۽ خِدمتِ دين جي لاءِ چونڊيو ته انهن جو فضل ۽ ڪمال سڃاڻو، انهن جي طور طريقن جي پيروي ڪريو، جيتري قدر مُمڪن ٿي سگھي انهن جا اَخلاق ۽ انهن جي سيرت اختيار ڪريو ته بيشڪ هي ماڻهو دُرُست راھ تي قائم هئا۔([2])

 



[1]… مرآۃ المناجیح،۸/۱۷۸

[2]…مشکاۃ المصابیح،کتاب الایمان،کتاب الاعتصام بالکتاب والسنۃ، ۱/۵۷،حدیث: ۱۹۳