Book Name:Shan e Sahaba

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

گُستاخِ صحا به جو عِبرَتناڪ اَنجام3

حضرت سَيِّدُنا خَلَف بن تَمِيم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي حضرت سَيِّدُنا ابُوالحصِيب بشير رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ٻڌايو ته آئون تِجارت ڪندو هئس ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي فَضل ۽ ڪَرم سان ڪافي مالدار هئس۔ مون کي ہر طرح جون آسائشون مُيسَّر هيون ۽ آئون اڪثر اِيران جي شہرن ۾ رہندو هئس۔ هڪ ڀيري منهنجي هڪ مزدور مون کي خبر ڏني ته فلاڻي مُسافر خاني ۾ هڪ شخص مري ويو آهي، اُتي ان جو ڪوبه وارِث ناهي، هاڻي ان جو لاش بغير ڪفن دفن جي پيل آهي۔ جڏهن آئون مُسافر خاني پہتس ته اتي هڪ شخص کي مُڙده حالت ۾ ڏٺم، مون هڪ چادر ان تي وڌي، ان جي ساٿين مون کي ٻڌايو ته هي شخص وڏو عبادت گُذار ۽ نيڪ هو، پر اڄ ان کي ڪَفن به مُيسَّر ناهي ۽ اسان وٽ ايتري رقم ناهي جو ان جي تَجھـِيز وتَڪفِين (ڪفن دفن) ڪري سگھون۔ مون هي ٻڌو ته اجرت ڏئي ڪري هڪ شخص کي ڪَفن وٺي اچڻ جي لاءِ ۽ هڪ کي قَبر کوٽڻ جي لاءِ موڪليو ۽ اسان ان جي لاءِ ڪچيون سِرون تيار ڪرڻ لڳاسين، اڃا اسان اِنهن ڪمن ۾ مشغول ئي هئاسين ته اچانڪ اهو مُڙدو اُٿي ويٺو، سِرون ان جي پيٽ تان ڪِري پيون، پوءِ اهو وڏي خوفناڪ آواز ۾ رڙيون ڪرڻ لڳو: ہاءِ باھ، ہاءِ هلاڪت، ہاءِ بربادي! ہاءِ باھ، ہاءِ هلاڪت، ہاءِ بربادي! جڏهن ان جي ساٿين هي خوفناڪ مَنظَر ڏٺو تو پَري هٽي ويا۔ آئون ان جي ويجھو ويس ۽ ان جو هٿ پڪڙي ہَلايو ۽ ان کان پڇيو: تُون ڪير آهين ۽ تنهنجو ڇا مسئلو آهي؟ اهو چوڻ لڳو بَدقِسمتي سان مون کي اهڙن بُرن ماڻهن جي صُحبت