Book Name:Shan e Sahaba

جهڙن جَليلُ القدر صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي شانِ عظمت ۾ گُستاخي ۽ بي ادَبي جا لفظ بَڪي رہيو هو۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اُن گُستاخ کي فرمايو: تون منهنجي ڀائرن جي گستاخي ۽ بي ادَبي کان باز اچي وڃ نه ته آئون تنهنجي خلاف بد دُعا ڪري ڇڏيندس۔ اُن گُستاخ ۽ بي باڪ بَڪيو: ته هي مون کي ايئن خوف زَدہ ڪري رهيو آهي جيئن ڪو نبي ہجي (ته جنهن جي ڪا دُعا رَد ناهي ٿيندي)، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وُضو ڪري مسجد ۾ داخل ٿيا، ٻه رڪعتون اَدا فرمايون ۽ بارگاھـِه خُداوندي ۾ هن طرح عرض گُذار ٿيا: يااللہ عَزَّوَجَلَّ! جيڪڏهن اِن شخص تنهنجي پياري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بہترين صحابين جي توهين ڪري توکي ناراض ڪيو آهي ته اڄ ان کي سزا ڏئي ڪري مون کي هڪ نشاني ڏيکار ۽ ان کي مؤمنن جي لاءِ قابلِ عبرت بڻاءِ۔ (اڃا ايترو ئي چيو هو ته) اچانڪ هڪ (ڇتو) اُٺ ماڻهن جي صَفن کي چِيريندي آيو ۽ اُن کي ڏندن سان دَسي ڇڏيو، پوءِ اُٺ ان کي بُري طرح چٿي ڇڏيو ايستائين جو اهو موت جو شڪار ٿي ويو۔ راوي فرمائن ٿا: (ان گُستاخ جي هلاڪ ٿيڻ کان بعد) ماڻهو ڊوڙيندا حضرت سَيِّدُنا سَعَد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته اي ابُو اسحاق! اللہ عَزَّوَجَلَّ توهان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي دُعا قبول فرمائي ورتي ([1]) (صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جو دُشمن هلاڪ ٿي ويو۔)

جس قدر جنّ و بشر میں تھے صَحابہ شاہ کے

سب کو بھی بے شک ،خصوصًا چار یاروں کو سلام

 



[1]…دلائل النبوۃ للبیہقی،باب ماجاء فی دعاء رسول اللہ...الخ،۶/۱۹۰-تاریخِ دمشق،سعد بن مالک،۲۰/ ۳۴۸ ماخوذاً