Book Name:Shan e Sahaba

فارُوق رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جي واسطي مون کي ڇڏي ڏيو۔“ هي ٻڌي ڪري هڪ فرِشتي ٻئي کي چيو: ”هن وڏي بُزرگ ہستين جو وسيلو پيش ڪيو آهي، تنهنڪري ان کي ڇڏي ڏيو۔‘‘ آخرڪار اُنهن مون کي ڇڏي ڏنو ۽ تشريف وٺي ويا. (شرح الصدور،حدیث عائشۃ، ص۱۴۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان سان مَحَبَّت ڪرڻ وارا اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي محبوب آهن بلڪه اهڙن خُوش نصيبن کي جَزا واري ڏينهن احمدِ مجتبٰي، محمدِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو قُربِ خاص به نصيب ٿيندو۔ جيئن ته

سرڪا رجو قُرب حاصل ڪرڻ وارو خُوش نصيب

حضرت سَيِّدُنا ابنِ عباس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کان روايت آهي ته نبي پاڪ، صاحبِ لَولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ’’جيڪو شخص منهنجي صحابه ، اَزواج ۽ اَہلِ بيت سان عَقيدت رکندو آهي ۽ انهن مان ڪنهن تي طَعن (تنقيد) نه ڪري ۽ انهن جي مَحَبَّت تي دُنيا کان اِنتقال ڪري، اهو قيامت جي ڏينهن مون سان گڏ منهنجي دَرَجي ۾ هوندو۔“

(الریاض النضرۃ،الباب الاول،ذکر ماجاء فی الحث علی حبہم والاحسان الیہم …الخ ،۱/۲۲)

مُحبّانِ صحابه جي لاءِ نِفاق کان بَراءَت (ڇوٽڪاري) جي بشارت به آهي جيئن ته حضرت سَيِّدُنا انس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته سرڪارِ نامدار، شَہَنشاھـِه اَبرار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”مَنْ اَحْسَنَ الْقَوْلَ فِیْ اَصْحَابِیْ فَقَدْ بَرِئَ مِنَ النِّفَاقِ“ يعني جنهن منهنجي صَحابين جي مُتعلِّق چڱي ڳالھ چئي ته اهو نفاق کان بَري (آزاد) ٿي ويو۔