Book Name:Shan e Sahaba

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل مبارڪ آيتن مان هي حقيقت روشن ڏينهن وانگر واضح ٿي رهي آهي ته مَحبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا تمام صَحابهء ڪِرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم اَجۡمعِیۡن ڪيتري قدر اَرفَع ۽ اعلٰي مرتبي ۽ شان جا مالڪ هئا جن پنهنجون زِندگيون اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا جي حُصول ۽ دينِ اسلام جي سَربُلندي جي لاءِ وَقف ڪري رکيون هيون، اِهي مَردانِ عرب پنهنجي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ٻانهن ٻيلي ٿي ڪري دين کي زنده رکڻ جي خاطِر اهڙيون اهڙيون قُربانيون پيش ڪيون جن کي فراموش نه ٿو ڪري سگھجي، اللہ عَزَّوَجَلَّ ميدانِ جنگ جي انهن شَہسُوارن کي پنهنجي پياري محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خِدمت گُذاري جي صَدقي نه صِرف پنهنجي بخشش ۽ رِضا مندي ۽ جنَّت جي حَقداري وغيرہ جهڙن عظيمُ الشَّان اِنعامن سان نوازيو بلڪه اُنهن کي ملڻ وارين عطائن ۽ نوازشن جو پنهنجي پاڪيزہ ڪلام قرآنِ ڪريم ۾ جڳھ جڳھ تي تَذڪرو به اِرشاد فرمايو ته جيئن قيامت تائين اچڻ وارن مُسلمانن جي دِلين ۾ انهن جو شان ۽ عظمت مزيد مُستَحڪَم (مضبوط) ٿي وڃي۔ قرآني آيتن کان علاوه نبيِّ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجي زبانِ مُبارَڪ مان ڪڏهن ته عام طور تي سڀني صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جون فضيلتون بيان فرمايون ۽ ڪڏهن نالو وٺي ڪري انهن جو شان، عظمت، مقام ۽ مرتبو اجاگر فرمايو۔ جيئن ته

نيڪوڪار هستيون

حضرت سَيِّدُنا عُمر فارُوقِ اَعظَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته ٻنهي جہانن سُلطان، رَحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اَكْرِمُوا