Book Name:Shan e Sahaba

ملي جيڪي حضرتِ سَيِّدُنا صِديق اَڪبر ۽ فارُوقِ اَعظم رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کي گاريون ڏيندا هئا۔ ان جي صُحبتِ بد جي سبب آئون به انهن سان گڏ ملي ڪري شيخينِ ڪريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کي گاريون ڏيندو هئس ۽ انهن سان نفرت ڪندو هئس۔ سَيِّدُنا ابُوالحَصِيب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون ان جي هي ڳالھ ٻُڌي ڪري اِستِغفار پڙهڻ شروع ڪئي ۽ چيو: اي بَدبخت! پوءِ ته توکي سخت سَزا ملڻ گھرجي۔ (پوءِ مون ان کان پڇيو) تُون مرڻ کان پوءِ زِندھ ڪيئن ٿي وئين؟ ته ان جواب ڏنو: ”منهنجي نيڪ عملَن مون کي ڪو فائدو نه ڏنو۔ صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي گُستاخي جي سبب مون کي مرڻ کان بعد گِھلي جہنَّم جي طرف موڪليو ويو ۽ اُتي مون کي منهنجو ٺڪاڻو ڏيکاريو ويو، اُتان جي باھ گهڻي ڀڙڪي رهي هئي۔ پوءِ مون کي چيو ويو، عنقريب توکي ٻيهر زِندھ ڪيو ويندو ته جيئن تُون پنهنجي بَدعَقيدہ ساٿين کي پنهنجي دَردناڪ اَنجام جي خبر ڏين ۽ انهن کي ٻڌائين ته جيڪو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن سان دُشمني رکندو آهي، ان جو آخرت ۾ اهڙو دَردناڪ اَنجام ٿيندو آهي، جڏهن تُون انهن کي پنهنجي باري ۾ ٻڌائي وٺندين ته ٻيهر توکي تنهنجي اَصلي ٺڪاڻي (يعني جہنَّم) ۾ پهچايو ويندو۔ هي خبر ڏيڻ جي لاءِ مون کي ٻيهر زِندھ ڪيو ويو آهي ته جيئن منهنجي ان حالت کان گُستاخانِ صحابه عبرت حاصل ڪن ۽ پنهنجي گُستاخين کان باز اچي وڃن، نه ته جيڪو ان حضرات جي شان ۾ گُستاخي ڪندو، ان جو اَنجام به مون وانگر ٿيندو۔“ ايترو چوڻ کان پوءِ اهو شخص ٻيهر مُڙدہ حالت ۾ ٿي ويو۔ ان جون هي عبرتناڪ ڳالھيون مون کان علاوه پَري بيٺل ماڻهن به ٻُڌيون، ايتري ۾ مزدور ڪَفن خريد ڪري اچي ويا، مون اهو ڪَفن ورتو ۽ چيو: آئون اهڙي بدنصيب شخص جي ہرگز تَجھـِيز ۽