Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

سڀ کان پهريون مدني انعام ”ڇا اڄ توهان ڪجھ نه ڪجھ جائز ڪمن کان پهرين سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ گڏوگڏ ٻن کي ان جي ترغيب ڏياري؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! عمل جي قبوليت جي لاءِ آخرت جي ثواب جي نيت ضروري آهي جيئن ته سيپاري 15 سورۂ بنی اسرائیل جي اوڻيهين 19 آيتِ مبارڪه ۾ الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ مَنۡ اَرَادَ الۡاٰخِرَۃَ وَ سَعٰی لَہَا سَعۡیَہَا وَ ہُوَ مُؤۡمِنٌ فَاُولٰٓئِکَ کَانَ سَعۡیُہُمۡ مَّشۡکُوۡرًا ﴿۱۹﴾

 

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جيڪو آخرت گھري ۽ ان جي لائق ڪوشش ڪري ۽ هجي ايمان وارو پوءِ انهن جي ڪوشش ڪارگر ٿي.

ان آيتِ مبارڪه جي تحت صَدۡرالاَفاضِل حضرت علامه مولانا سيِّد محمد نعيمُ الدّين مراد آبادي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الهادي فرمائن ٿا: عمل جي قبوليت جي لاءِ ٽي (3) شيون گھربل آهن: (1) طالبِ آخرت هئڻ (چڱي نيت هئڻ) (2) سَعي (يعني ڪوشش ڪرڻ) يعني عمل کي اهتمام سان ان جي حقن سان گڏ ادا ڪرڻ (3) ايمان جيڪو سڀ کا وڌيڪ ضروري آهي.

احاديثِ مبارڪه ۾ به نيت جي اهميت بيان ڪئي وئي آهي. اچو ته انهي متعلق 3 فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

1.       سچي نيت عرش سان چنبڙي پوندي آهي بس جڏهن ڪو ٻانهو پنهنجي نيت کي سچو ڪري ڇڏيندو آهي (يعني پنهنجي نيت جي مطابق عمل ڪندو آهي) ته عرش لُڏڻ لڳندو آهي پوءِ ان ٻانهي کي بخشيو ويندو آهي.

(تاريخ بغداد،۱۲/ ۴۴۴، حديث:۶۹۲۶)

2.       الله عَزَّوَجَلَّ آخرت جي نيت تي دنيا عطا فرمائيندو آهي پر دنيا جي نيت تي آخرت فرمائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو آهي.

(اَلزُّھْد لِابن مُبارَڪ ،ص۱۹۳ حديث۵۴۹)