Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

ج 9 ص 694) * قرآن پاڪ وڏي آواز سان پڙهڻ افضل آهي جڏهن ته ڪنهن نمازي يا بيمار يا سمهڻ واري کي تڪليف نه پهچي۔ (غُنيَةُ المُتَمَلّي ص 497) * جڏهن وڏي آواز سان قرآن پاڪ پڙهيو وڃي ته سڀني حاضرين تي ٻڌڻ فرض آهي، جڏهن ته اهي سڀ ٻڌڻ جي لاءِ حاضر ٿيا هجن، نه ته هڪ جو ٻڌڻ ڪافي آهي، جيتوڻيڪ ٻيا پنهنجن ڪمن ۾ هجن۔ (فتاويٰ رضويه ج 23 ص 353 مُلَخَّصاً) * مجمعي ۾ سڀني ماڻهن جو وڏي آواز سان پڙهڻ حرام آهي، اڪثر ڪري ٽيجھن ۾ سڀئي وڏي آواز سان پڙهندا آهن اهو حرام آهي، جيڪڏهن ڪجھ پڙهڻ وارا هجن ته حڪم آهي ته آهستي پڙهن۔ (بهار شريعت ج 1 حصو 3 ص 552) * بازارن ۾ ۽ جتي ماڻهو ڪم ۾ مشغول هجن اتي وڏي آواز سان پڙهڻ ناجائز آهي، ماڻهو جيڪڏهن نه ٻڌندا ته گناهه پڙهڻ واري تي آهي۔ جيڪڏهن ڪم ۾ مشغول ٿيڻ کان پهرين هن پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ اها جاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ مقرر نه هجي ته پوءِ ماڻهو نه ٻڌن ته ماڻهو گنهگار ٿيندا ۽ جيڪڏهن ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ هِن پڙهڻ شروع ڪيو، ته پڙهڻ وارو گنهگار ٿيندو۔ (غُنيَةُ المُتَمَلّي ص 497) *ليٽي قرآن پڙهڻ ۾ حرج ناهي جڏهن ته پير سميٽيل هجن ۽ منهن کليل هجي، اهڙي طرح هلندي ۽ ڪم ڪندي به تلاوت جائز آهي، جڏهن ته بي ڌياني نه ٿئي، نه ته مڪروهه آهي۔ (ايضاً ص 496) * غسل خاني ۽ پليتي وارين جاين تي قرآن پاڪ پڙهڻ ناجائز آهي۔ (ايضاً) * قرآن پاڪ جي تلاوت ٻڌڻ، تلاوت ڪرڻ ۽ نفل پڙهڻ کان افضل آهي۔ (ايضاً ص 497) * جيڪو غلط پڙهندو هجي ته ٻڌڻ واري تي واجب آهي ته کيس ٻڌائي، بشرطيڪه ٻڌائڻ جي ڪري ڪينو ۽ حسد پيدا نه ٿئي۔ (ايضاً ص 498) *تلاوتِ قرآنِ پاڪ ڪندي وَقت