Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

ترڪيب ہوندي آهي، جنهن ۾ وڏي عمر جا اسلامي ڀائر صحيح مَخارِج سان حُروف جي دُرُست اَدائيگي سان گڏ قرآنِ ڪريم سکندا ۽ دُعائون ياد ڪندا آهن، نمازون وغيرہ دُرُست ڪندا ۽ سُنَّتن جي تعليم مُفْت حاصل ڪندا آهن۔ ان کان علاوہ دُنياجي مختلف مُلڪن ۾ گھرن جي اَندر تقريبًا روزانه ہزارين مَدارِس نالي سان مدرَسة المدينہ (براءِ بالِغات) به لڳايا ويندا آهن، جنهن ۾ اسلامي ڀينرون قرآنِ پاڪ، نَماز ۽ سُنّتن جي مُفت تعليم حاصل ڪنديون ۽ دعائون ياد ڪنديون آهن۔ تعليمِ قرآنِ ڪريم جي فضائل جي به ڇا ڳالھ آهي! جيئن ته دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري مڪتبة المدينہ جي شايع ٿيل 1197 صَفحن تي مشتمل ڪتاب،’’بہارِ شريعت‘‘جلد 3صَفحي 484 تي ٻه فرامينِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مُلاحَظه فرمايو:

(1) توهان مان بهترين شخص اهو آهي، جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري۔

(بُخاري ج۳ص۴۱۰ حديث ۵۰۲۷)

(2) جيڪوقرآن پڙهڻ ۾ ماهر آهي، اهو ڪراماً ڪاتِبِين سان گڏ آهي ۽ جيڪو شخص بيهي بيهي ڪري قرآن پڙھندو آهي اهو اُن تي مشڪل آهي، يعني اُن جي زَبان آساني سان نه ٿي هلي، تڪليف سان اَدا ڪندو آهي، اُن جي لاءِ ٻه اَجر آهن۔ (صَحيح مُسلِم ص۴۰۰ حديث۷۹۸)

اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان کي دُرُست تَلفُّظ سان گڏ قرآنِ پاڪ سکڻ جي لاءِ مدرسة المدينہ (بالغان) ۾ شرڪت جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مدرسةالمدينہ بالغان جي بار بار ترغيب ڏيارڻ وارا اميرِ اہلسنّت بارگاھِ خداوندي ۾ عرض ڪن ٿا: