Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

عطا ہو شوق مَوْلیٰ مدرسے میں آنے جانے کا

خدایا ذوق دے قرآن پڑھنے کا پڑھانے کا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تلاوتِ قرآنِ پاڪ جون برڪتون صحيح معنيٰ ۾ انهيءَ صُورت ۾ حاصل ٿي سگھنديون، جڏهن اسان ان جي آداب کي به ملحوظِ خاطِر رکندي تلاوت ڪنداسين ۽ جيڪڏهن آداب جو لحاظ نه رکيو ته نه ان جا مَقاصد حاصل ٿي نه سگھندا ۽ نه ئي برڪتن سان مُستَفيض ٿينداسين سگھندا بلڪه ڪجھ صُورتن ۾ گُناھ جا مُرتڪب به ٿي سگھون ٿا۔ اچو ته!ڪجھ آداب ٻڌون ٿا ته جيئن صحيح معنيٰ ۾ قرآنِ ڪريم پڙهي ڪري ان جون برڪتون حاصل ڪري سگھون۔

*اميرالمُومنين حضرت سيِّدُنا عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ روزانو صبح جو قرآن پاڪ کي چمي ڏئي فرمائيندا هئا؛ ”هي منهنجي پالڻهار عَزَّوَجَلَّ جو عهد ۽ ان جو ڪتاب آهي۔“ (دُرِّمُختار ج 9 ص 634 دارالمعرفة بيروت) *تلاوت جي شروع ۾ اَعُوذ پڙهڻ مستَحب آهي ۽ سورت جي شروع ۾ بِـسْمِ الله پڙهڻ سنت، نه ته مستحب آهي۔ (بهار شريعت ج 1 حصو 3 ص 550 مڪتبة المدينه باب المدينه ڪراچي) *با وُضو، قبلي ڏانهن منهن ڪري، صاف سٿرا ڪپڙا پائي تلاوت ڪرڻ مستحب آهي۔ (ايضاً ص 550) * قرآن پاڪ ڏسي پڙهڻ، ياد پڙهڻ کان افضل آهي۔ ڇوته هي پڙهڻ به آهي ۽ ڏسڻ به ۽ هٿ لڳائڻ به ۽ اِهي سڀئي ڪم عبادت آهن۔ (غنية المتملي ص 495) * قرآن پاڪ انتهائي سهڻي آواز سان پڙهڻ گھرجي، جيڪڏهن آواز سهڻو نه هجي ته سهڻي آواز بنائڻ جي ڪوشش ڪري پر لحن سان هئين پڙهڻ جو اکرن ۾ گھٽ وڌائي ٿي وڃي جيئن گانا ڳائڻ وارا ڪندا آهن اهو ناجائز آهي۔ بلڪ قرآن پڙهڻ ۾ تجوِيد جي قاعدن جو لحاظ ڪريو۔ (دُرِّمُختار، رَدُّالمُحتار