Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

جي تعليم حاصل ڪندا آهن۔ مدرسةالمدينہ للبنات ۾قاريہ اسلامي ڀينرون مدني منين کي في سبيل اللہ قرآنِ پاڪ حفظ ۽ ناظرہ جي مفت تعليم ڏينديون آهن۔ مدرسةالمدينہ بالغان جو دورانيو صرف 41 منٽ آهي، ان ۾ اسلامي ڀائرن کي دُرست مخارج سان قرآنِ پاڪ پڙهايو ويندو آهي، نماز، سنتون ۽ دعائون به ياد ڪرايون وينديون آهن۔ مدرسة المدينہ بالغات ۾ اسلامي ڀينرن کي اسلامي ڀينرون گھرن ۾ اجتماعي طور تي في سبيل اللہ قرآن پڙهائينديون ۽ اسلامي ڀينرن جي نماز، دعائون ۽ انهن جا مخصوص مسائل وغيرہ سکارينديون آهن۔ مدرسةالمدينہ للبنين آن لائن ۾ قاري صاحبان مدني منن ۽ وڏن کي به بذريعہ انٽرنيٽ قرآنِ پاڪ پڙهائيندا، سنتون سيکاريندا ۽ دعائون ياد ڪرائيندا آهن۔ مدرسة المدينہ للبنات آن لائن ۾اسلامي ڀينرون، اسلامي ڀينرن کي بذريعہ انٽرنيٽ دُرست ادائيگي سان گڏ قرآنِ ڪريم پڙهائينديون ۽ انهن جي سنت جي مطابق تربيت ڪنديون آهن۔ اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ ڪم و بيش 72 ملڪن ۾ طلبہ ۽ طالبات انٽرنيٽ جي ذريعي قرآنِ ڪريم جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن۔ دعوتِ اسلامي جي مدارس المدينہ 2200 کان وڌيڪ آهن ۽ طلبہ و طالبات جو تعداد تقريباً 1 لک 10 ہزارآهي، دعوتِ اسلامي جا ہزارين حفاظ تراويح ۾ ہر سال قرآنِ پاڪ ٻڌندا يا ٻڌائيندا آهن۔ اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدرسةالمدينہ بالغان و بالغات ۾ 12 ہزارکان وڌيڪ طلبہ و طالبات آهن۔

یہی ہے آرزُو تعلیمِ قرآں عام ہو جائے

تلاوت کرنا صُبح و شام میرا کام ہو جائے