Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

جي لاءِ ان سان تعَلق رکندڙ ادارن جون ڳريون فيون جمع ڪرائڻ کان ڪَترائيندا ناهن، پر افسوس صَد ڪروڙ افسوس!علمِ دين کان دُوري جي باعث دُرُست اَدائيگي سان گڏ فِیْ سَبِیْلِ اللہ قرآنِ پاڪ پڙهڻ جي فرصت ناهي۔ ياد رکو! جيڪي ماڻهو صحيح مَخارج سان قرآنِ پاڪ پرھڻ نه ٿا ڄاڻين، اهي ثواب ڪمائڻ جي بجائي گُناھ جا مُرتڪب ٿيندا آهن۔

حضرت سيّدُنا انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: گھڻا قرآن پڙهڻ وارا اهڙا آهن جو (غلط پڙهڻ جي ڪري) قرآن انهن تي لَعنت ڪندو آهي۔ (احياء العلوم ،ج۱،ص۳۶۴)

منهنجا آقا اعلٰي حضرت امام احمد رَضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن فرمائن ٿا:'' ايتري تجويد (سکڻ) جو ہر حَرف ٻئي حرَف کان صحيح مُمتاز ٿئي، فرضِ عين آهي بغير ان جي نماز قَطعاً باطل آهي۔ (فتاوٰی رضويه ج۳ ص ۲۵۳)

مزيد فرمائن ٿا:’’بيشڪ ايتري تَجويد جنهن سان تَصحيحِ (تَص + حيح) حُروف ٿئي (يعني قواعدِ تجويد جي مُطابِق حُرُوف کي دُرُست مَخارِج سان اَدا ڪري سگهي) ۽ غَلَط خواني(يعني غلط پڙهڻ) کان بچي، فرضِ عين آهي۔ (فتاوٰی رضويه مُخَرَّجَہ ج۶ ص ۳۴۳) صدرُالشريعہ، بدرُالطريقہ مُفتي اَمجد علي اَعظمي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ اللـهِ الۡـقَـوِی فرمائن ٿا: جنهن کان حُروف صحيح اَدا نه ٿا ٿين، ان تي واجب آهي تي تصحيحِ (تَص + حِيح) حروف ۾ رات ڏينهن پُوري ڪوشش ڪري۔ (بہارشريعت:۱/۵۷۰)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به دُرُست قواعد ۽ مَخارج سان گڏ قرآنِ ڪريم پڙهڻ جا خواهشمند آهيون ۽ پڙھڻ به گھرجي ته مدرسة المدينہ (بالغان) ۾ ضَرور شرڪت ڪريو۔ اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ مختلف مَقامات ۽ مَساجِد وغيرہ ۾ عُمُومًا بعد نمازِ عشاء ہزارين مدرسة المدينہ (بالغان) جي