Book Name:Mehman Nawazi Ke Aadab
المؤمنين رَضِیَ اللہُ عنہن جي گهرن ۾ معلوم ڪرايو ته ڪا کائڻ جي شيءِ ملي وڃي پر ڪنهن جي به گهر ۾ کائڻ جي ڪا شيءِ نه هئي. رسولُ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عنهم کي فرمايو: جيڪو شخص هن کي مهمان بڻائي، الله پاڪ ان تي رحمت فرمائي. حضرت ابو طلحه انصاري رَضِیَ اللہُ عنہ اٿي بيٺا ۽ مهمان کي پنهنجي گهر وٺي ويا، گهر وڃي پنهنجي گهر واريءَ کان پڇيائون: گهر ۾ ڪجهه کاڌو آهي؟ هن چيو: صرف ٻارن لاءِ ٿورو رکيل آهي. حضرت ابو طلحه رَضِیَ اللہُ عنہ فرمايو: ٻارن کي وندرائي سمهاري ڇڏ ۽ جڏهن مهمان کائڻ ويهي ته ڏيئو درست ڪرڻ جي بهاني اٿجانءِ ۽ ڏيئو وسائي ڇڏجانءِ، ته جيئن مهمان اها ڳالهه نه ڄاڻي سگهي ته گهر وارا ان سان گڏ نه پيا کائن، نه ته هو اصرار ڪندو ۽ کاڌو ٿورو آهي، تنهنڪري مهمان بکيو رهجي ويندو. اهڙي طرح حضرت ابو طلحه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ مهمان کي کاڌو کارائي ڇڏيو ۽ پاڻ گهر وارن بکيو رهي رات گذاريائون. جڏهن صبح ٿي ۽ بارگاهه نبوت ۾ حاضر ٿيا ته الله پاڪ جي محبوب، غيب ڄاڻيندڙ آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم حضرت ابو طلحه رَضِیَ اللہُ عنہ کي ڏسي فرمايو: رات فلاڻي فلاڻي جي گهر ۾ عجيب معاملو پيش آيو. الله پاڪ انهن ماڻهن کي ڏسي مسڪرايو (يعني تمام گهڻو راضي ٿيو). ان ئي واقعي بابت سوره حشر جي هي آيت نازل ٿي: [1]
وَ
یُؤْثِرُوْنَ
عَلٰۤى
اَنْفُسِهِمْ
وَ لَوْ كَانَ
بِهِمْ
خَصَاصَةٌ ﳴ
وَ مَنْ یُّوْقَ
شُحَّ
نَفْسِهٖ
فَاُولٰٓىٕكَ
هُمُ الْمُفْلِحُوْنَۚ(۹)