Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat
ڄاڻون ٿا، جيترو تو سيکاريو. هاڻي الله پاڪ حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي فرمايو: اي آدم! توهان انهن شين جا نالا ٻڌايو! حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام اُنهن سمورين شين جا نالا ٻڌائي ڇڏيا! ان تي الله پاڪ فرمايو: اي فرشتو! ڇا مون نه فرمايو هو ته مان اهو به ڄاڻان ٿو جيڪو توهان ظاهِر ڪريو ٿا ۽ اهو به ڄاڻان ٿو جيڪو توهان لڪايو ٿا.
هي انهن آيتن جو مضمون آهي، هاڻي اچو! آيتون ۽ انهن جو ترجمو ٻڌون ٿا، ارشاد ٿيو:
وَ عَلَّمَ اٰدَمَ الْاَسْمَآءَ كُلَّهَا ثُمَّ عَرَضَهُمْ عَلَى الْمَلٰٓىٕكَةِۙ-فَقَالَ اَنْۢبِـُٔوْنِیْ بِاَسْمَآءِ هٰۤؤُلَآءِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ(۳۱) قَالُوْا سُبْحٰنَكَ لَا عِلْمَ لَنَاۤ اِلَّا مَا عَلَّمْتَنَاؕ-اِنَّكَ اَنْتَ الْعَلِیْمُ الْحَكِیْمُ(۳۲) قَالَ یٰۤاٰدَمُ اَنْۢبِئْهُمْ بِاَسْمَآىٕهِمْۚ-فَلَمَّاۤ اَنْۢبَاَهُمْ بِاَسْمَآىٕهِمْۙ-قَالَ اَلَمْ اَقُلْ لَّكُمْ اِنِّیْۤ اَعْلَمُ غَیْبَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِۙ-وَ اَعْلَمُ مَا تُبْدُوْنَ وَ مَا كُنْتُمْ تَكْتُمُوْنَ(۳۳)(سيپارو: 1، البقرة: 31_ 33)
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ الله پاڪ آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاري ڇڏيا پوءِ انهن سڀني شين کي ملائڪن جي اڳيان پيش ڪري فرمايائين: جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته انهن جا نالا ٻڌايو (ملائڪن) عرض ڪيو: (اي الله!) تون پاڪ آهين، اسان کي ته صرف ايترو علم آهي جيترو تو اسان کي سيکاريو، بيشڪ تون ئي علم وارو، حڪمت وارو آهين (پوءِ الله) فرمايو: اي آدم! تون انهن کي انهن شين جا نالا ٻڌاءِ، پوءِ جڏهن آدم انهن کي شين جا نالا ٻڌائي ڇڏيا، ته (الله) فرمايو: (اي ملائڪو!) ڇا مون توهان کي نه چيو هو ته مان آسمان ۽ زمين جي سڀني لڪيل شين کي ڄاڻان ٿو ۽ مان ڄاڻان ٿو جيڪو توهان ظاهر ڪيو ٿا ۽ جيڪو توهان لڪايو ٿا.