Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat

Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat

الله! الله! ڇا ته علمي شان آهي...!! هن عِلۡمُ الۡاَسۡمَاءِ جي وڌيڪ وضاحت ٻڌو! حڪيمُ الاُمّت مفتي اَحمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: دُنيا ۾ اَوَّل کان آخرت تائين لکين ٻوليون ڳالهايون ويون ۽ هر ٻوليءَ جا اکر ۽ لفظ الڳ الڳ آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته دُنيا ۾ ڪروڙين شيون آهن ۽ هر شيءِ جون لکين صِفتون ۽ هر صِفَت جا لکين نالا، پوءِ نالي جي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جا لکين طريقا آهن مثال طور پاڻي کي اُردو ۾ پاني، فارسي ۾ آب، عربي ۾ مَاءٌ، هندي ۾ جَل، انگريزي ۾ واٽر ۽ نه ڄاڻ ڪهڙي ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڇا ڇا چوندا هوندا؟ پوءِ هن پاڻيءَ جون هزارين حالتون ۽ قِسم آهن، مثال طور ٿڌو، گرم، صاف، ميرو، کارو، مٺو، ڳرو، هلڪو، ٿلهو، سَنهو، اڇو، ڪارو وغيره (مختلف ٻولين ۾ انهن سڀني حالتن جا الڳ الڳ نالا آهن) اهي سڀ عُلُوم حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي ڏنا ويا. ([1]) ۽ عالمن لکيو ته آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي 7 لک ٻولين جو عِلم ڏنو ويو ۽ پاڻ هڪ هزار پيشن ۾ تمام ماهِر هئا. ([2])

اللهُ اڪبر! ٿورو خيال ته ڪريو ته هن عِلم جي ڪا حَدْ به آهي...!! امام رازي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن عِلۡمُ الۡاَسۡمَاءِ جي وُسعت تان وڌيڪ پردو کنيو  ڪيو، پاڻ فرمائن ٿا: اَسۡمَاء اِسۡم جي جمع آهي  ۽ اِسۡم جي هڪ معنيٰ سڃاڻپ به هوندي آهي، هاڻي مطلب اهو ٿيندو ته الله پاڪ حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي سمورين شين جي حقيقتن جو به عِلم ڏنو. ([3]) مثال طور پاڻيءَ جو فارمولو ڇا آهي؟ H2O يعني 2 حِصّا هائيڊروجن ۽ هڪ حِصّو آڪسيجن هجي ته پاڻي ٺهندو آهي، هي پاڻي جي حقيقت آهي، اهڙي طرح هر شيءِ جي حقيقت، ان جي خاصيت مثال طور پاڻيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا طبّي فائدا آهن؟ ڪهڙا ڪهڙا نقصان آهن؟ ڪهڙي جَڙي ٻوٽي ڪهڙي ڪم جي لاءِ آهي؟ ڪهڙي شيءِ جو


 

 



[1]... تفسیر نعیمی، پارہ:1، البقرۃ، زیر آیت:31،جلد:1، صفحہ:230۔ مکتبہ اسلامیہ

[2]... تفسیر روح البیان، پارہ:1، سورۃ البقرۃ، زیر آیت:31، جلد:1، صفحہ:100 ملتقطًا، دار احیاء التراث۔

[3]... تفسیر کبیر، پارہ:1،البقرۃ، زیر آیت:31، جلد:2، صفحہ:192 خلاصۃً۔دارالفکر بیروت۔