Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 1، سورت بقره جون 3 آيتون (آيت: 31، 32 ۽ 33) ۽ انهن جو ترجمو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. انهن مبارڪ آيتن ۾ انسان جي اَشۡرفُ الۡمَخۡلُوۡقَات (يعني الله پاڪ جي سمورن مخلوقن ۾ سڀني تي فوقيت رکندڙ) ۽ منصبِ خِلافت (الله پاڪ جا احڪام زمين ۾ نافذ ڪرڻ) جو حقدار هئڻ جو هڪ سبب بيان ڪيو پيو وڃي. اچو! پهريائين انهن مبارڪ آيتن جو خلاصو ٻڌون ٿا، پوءِ انهن مان ملندڙ سبق ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.
گذريل جمعي تي اسان ٻڌو هو ته الله پاڪ حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي تخليق کان پهرين فِرشتن کي فرمايو ته مان زمين تي پنهنجو خليفو بڻائڻ وارو آهيان. ان تي فِرشتن عرض ڪيو: اي مالِڪِ ڪريم! ڇا اهڙي کي خليفو بڻايو ويندو جيڪو زمين ۾ فساد پکيڙيندو، رت وهائيندو جڏهن ته اسين تنهنجي پاڪي بيان ڪندا آهيون، تنهنجي حمد و ثنا ڪندا آهيون. الله پاڪ فرمايو:
اِنِّیْۤ اَعْلَمُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ(۳۰) (سيپارو: 1، البقرة: 30)
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ مان اهو ڄاڻان ٿو جيڪو توهان نه ٿا ڄاڻو.
هي هڪ جواب جيڪو الله پاڪ مختصر طور تي فرشتن کي ارشاد فرمايو هو، ان جي تفصيل ۽ وضاحت ائين ڪئي وئي ته الله پاڪ حضرت آدَم عَلَیْهِ السَّلَام جي تخليق فرمائي ۽ کين عِلۡمُ الۡاَسۡمَاء (يعني نالن جو عِلم) عطا فرمايو، پوءِ اهي سڀ شيون جن جا نالا حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي سيکاريا ويا هئا، اهي فرشتن جي سامهون ڪيون ويون ۽ حڪم ٿيو: اي فرشتو! اوهان انهن جا نالا ٻڌايو! فرشتا ڇوته انهن شين جا نالا نه ڄاڻندا هئا، تنهنڪري اُنهن عاجزيءَ سان عرض ڪيو: اي رَبِّ ڪريم! تون پاڪ آهين، اسان ته صِرۡف اوترو ئي