Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat
آهي * علم باعثِ راحت آهي * علم رفيقِ سفر آهي * علم اڪيلائي جو ساٿي آهي * علم تنگدستي ۽ خوشحالي ۾ رهنما آهي * علم دشمنن جي مقابلي ۾ هٿيار آهي * علم دوستن جي ويجهو زينت آهي * اللہ پاڪ علم جي ذريعي قومن کي بلندي عطا فرمائيندو آهي * اللہ پاڪ علم جي ذريعي قومن کي امام بنائيندو آهي، پوءِ انهن جي پيروي ڪئي ويندي آهي * علما جي راءِ کي حرفِ آخر سمجهيو ويندو آهي * ملائڪ علما جي دوستي ۾ رغبت ڪندا آهن * علماء لاءِ هر خشڪ ۽ تَر، ايتري تائين جو سمنڊ جون مڇيون ۽ خشڪي جا جانور، سڀ دعاءِ مغفرت ڪندا آهن * علم دل جي زندگي آهي * علم اونداهي ۾ اکين جو نور آهي * علم جي ذريعي ٻانهو اولياءِ ڪرام جي منزلن کي ماڻي وٺندو آهي * علم عمل جو امام آهي * عمل علم جي تابع آهي * خوش نصيبن جي دل ۾ علم وِڌو ويندو آهي * جڏهن ته بدبختن کي علم کان محروم ڪيو ويندو آهي. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! عام طور تي جڏهن علم جي ڳالهه ٿيندي آهي ته ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته آخر علمِ دين سکڻ ئي ڇو ضروري آهي، دنياوي علم به ته علم ئي آهي، پوءِ علم سان دين جي قيد ڇو لڳائي ويندي آهي؟ ان جي جواب ۾ عرض هي آهي ته هي قيد ڪنهن ٻئي نه بلڪه الله پاڪ ئي لڳائي آهي، سيپارو: 21، سورت روم ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
وَعْدَ اللّٰهِؕ-لَا یُخْلِفُ اللّٰهُ وَعْدَهٗ وَ لٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا یَعْلَمُوْنَ(۶) یَعْلَمُوْنَ ظَاهِرًا مِّنَ الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا ۚۖ-وَ هُمْ عَنِ الْاٰخِرَةِ هُمْ غٰفِلُوْنَ(۷)(سيپارو: 21، الروم: 6_7)
ترجموڪنزُالعرفان: پر گهڻا ماڻهو ڄاڻن نٿا اکين جي آڏو جي دنياوي زندگي کي ڄاڻن ٿا ۽ اهي آخرت کان بلڪل غافل آهن.