Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat
عُلَماء ڪرام جا درجا بلند ڪيا ويندا آهن
سيپارو: 28، سُوۡرَةُ الۡمُجَادلة، آيت: 11 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
یَرْفَعِ اللّٰهُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْۙ-وَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ دَرَجٰتٍؕ-(سيپارو: 28، المجادلة: 11)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ الله توهان مان ايمان وارن جا ۽ انهن جا درجا بلند فرمائيندو آهي جن کي علم ڏنو ويو
صحابيءِ رسول، سُلطانُ الۡمُفَسِّرِيۡنَ، حضرت عبد الله بن عباس رَضِيَ اللهُ عَنۡهُما هن آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: عُلَماءِ ڪرام عام مومنن کان 700 درجا بلند هوندا ۽ انهن جي هر 2 درجن جي وچ ۾ 500 سالن جي مَسافَت (يعني فاصلو) هوندو. ([1])
حضرت اُمامه بَاهِلِي رَضِيَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو عِلمِ (دِين) سکندي ۽ عِبادت ڪندي وڏو ٿيو ۽ وڏو ٿي به اهڙي حالت ۾ رهيو، ته الله پاڪ قيامت واري ڏينهن ان کي 72 صِدِّيقن جو ثواب عطا فرمائيندو. ([2])
حضرت معاذ بن جبل رَضِيَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: علم حاصل ڪيو! ڇو ته *اللہ پاڪ جي رضا لاءِ علم سکڻ خوفِ خدا آهي * علم جي تلاش عبادت آهي * علم جي تڪرار ڪرڻ (يعني سبق ياد ڪرڻ لاءِ بار بار پڙهڻ) تسبيح آهي * بي علم کي علم سيکارڻ صدقو آهي * علم کي ان جي اهل تي خرچ ڪرڻ نيڪي آهي * علم حلال و حرام جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي * علم اهلِ جنت جي رستي جو نشان