Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat
شيطان کان به ٿيو هو ۽ شيطان حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کان حسد به ڪندو هو، جيڪڏهن شيطان جو عِلم حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي عِلم کان وڌيڪ هجي ها ته شيطان ضرور انهن شين جا نالا ٻڌائي ڇڏي ها پر حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي سامهون ان جو عِلم تمام ڪمزور هو، ان ڪري هو انهن شين جا نالا نه ٻڌائي سگهيو. هاڻي ٿورو غور فرمايو! جڏهن شيطان جو عِلم حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي عِلم کان به گهٽ آهي ته امامُ الانبيا، مُحَمَّدِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عِلم کان ڪيئن وڌي سگهي ٿو. ([1])
يقيناً عِلمِ مُصطفيٰ اهو ڪمال ۽ بي مثال عِلم آهي جنهن جي حد سڃاڻڻ ٻانهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان قرآني آيتون ٻڌيون، انهن ۾ سڀ کان اَهَم ڳالهه جيڪا سکڻ جي آهي، اها هيءَ ته فرشتن جو سُوال هو ته آخر انسان منصبِ خِلافت جو حقدار ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ان جي جواب ۾ الله پاڪ انهن کي ٻڌايو نه بلڪه ڏيکاريو ته حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام ڇو ته انهن کان عِلم ۾ فوقيت رکن ٿا، انهن جو عِلم فرشتن جي عِلم کان وڌيڪ آهي، تنهنڪري آدم عَلَیْهِ السَّلَام منصبِ خِلافت جا حقدار آهن، جڏهن فرشتن حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جو علمي مقام و مرتبو ڏسي ورتو، تڏهن کين حڪم ٿيو ته هاڻي کين سجدو ڪريو! پوءِ فرشتن کين سجدو ڪيو ۽ عملي طَور تي سندن تعظيم ڪري سندن خِلافت کي تسليم ڪري ورتو.
هاڻي هتان کان اسان کي عِلم جي فضيلت معلوم ٿئي ٿي ۽ اها خبر پئي ٿي ته انسان کي جيڪي خوبيون ڏنيون ويون آهن، کيس اَشۡرفُ الۡمَخۡلُوۡقَات بڻايو