Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat

Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat

ان ۾ نه نالي جو ذِڪر، نه اکرن جو بلڪ مُطلَق (بغير ڪنهن قيد ۽ بند جي) فرمايو: اي محبوب! توهان جيڪو ڪجهه نٿا ڄاڻو، اسان اوهان کي سيکاري ڇڏيو. سُبْحٰنَ اللہ!  اهو عِلۡمُ الۡاَسۡمَاء ( جيڪو حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي ڏنو ويو هو، اهو) ته اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي درياءِ عِلم جو هڪ قطرو آهي،([1]) جڏهن هن عِلم جي هيءَ شان آهي ته ان جي وسعت جو اندازو نٿو ٿي سگهي ته عِلمِ مُصطفيٰ جي وُسعت جو عالَم ڇا هوندو؟ امام بُوصِيۡرِي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا:

لَکَ ذاتُ الْعُلُومِ مِنْ عَالَمِ الْغَیْبِ                                                                وَ   مِنْہَا   لِآدَمَ   الْاَسْمَاءُ([2])

مفہوم: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان کي عالَمِ غيب مان بيشمار عِلمَ عطا ڪيا ويا، اهو عِلۡمُ الۡاَسۡمَاءِ جيڪو حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي ڏنو ويو هو، اوهان جي بيشمار عُلُومن مان هڪ عِلم آهي.

عالَم کی خبر رکھتے ہیں گر وہ تو عجب کیا                                       بھیجا ہے خُدا نے انہیں ہر عِلْم سکھا کر

تعلیم دی اِک نام کو جبریلِ امیں نے                                        عالِم کیا اللہ نے خُود ان کو پڑھا کر([3])

شيطان ۽ عِلمِ انبياء

ڪجهه ماڻهن کي اهو وهم ٿيو هو ته شيطان جي معلومات پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عِلم کان وڌيڪ آهي، مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه انهن جي هن وهم جي ڪاٽ ڪندي لکن ٿا: اهو جيڪو معاملو ٿيو ته الله پاڪ حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي عِلۡمُ الۡاَسۡمَاءِ سيکاريو، پوءِ اهي سموريون شيون فرشتن جي سامهون آڻي فرمايو: اي فرشتو! انهن جا نالا ٻڌايو! هي معاملو شيطان لعِين جي مردُود ٿيڻ کان اڳ جو آهي، يعني فرشتن جي ان جماعت ۾ شيطان به موجود هو، اهو سُوال


 

 



[1]... تفسیر نعیمی، پارہ:1، البقرۃ، زیر آیت:31،جلد:1، صفحہ:230 خلاصۃً۔ مکتبہ اسلامیہ

[2]... دیوان بوصیری، قافیۃ الہمزۃ، صفحہ:9۔ دارالکتب العلمیہ

[3]... قبالہ بخشش، صفحہ:139۔