Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat

Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat

محبت دل ۾ ويهاريون. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي ۽ فروغِ علمِ دين

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جا تمام گهڻا شعبا آهن جيڪي معاشري ۾ علم جو نور ورهائڻ ۾ مصروف آهن مثلاً * دعوتِ اسلامي جو هڪ شعبو آهي: مدرسته المدينه (بوائز/ گرلز): هتي ٻارن ۽ ٻارڙين کي صحيح تلفظ سان قرآنِ ڪريم حفظ و ناظره جي مفت تعليم ڏني ويندي آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ مدرسةُالمدينه اسپيشل پرسنز به هلي رهيا آهن، جن ۾ نابين ماڻهن کي قرآنِ ڪريم (حفظ و ناظره) جي تعليم ڏني ويندي آهي * دعوتِ اسلامي جو هڪ شعبو آهي: مدرسةُ المدينه بالغان و بالغات: هتي وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن کي درست تلفظ سان قرآنِ پاڪ جي تعليم ڏني ويندي آهي * اهڙي طرح جامعةُ المدينه (بوائز/ گرلز): هتي طلباءَ ۽ طالبات کي درسِ نظامي (يعني عالم و عالمه ڪورس) ڪرايو ويندو آهي ۽ ٻيا علومِ دينيه سيکاريا ويندا آهن* فيضان آن لائن اڪيڊمي: جنهن ۾ حفظ و ناظره قرآنِ ڪريم، درسِ نظامي (عالم ڪورس) ۽ ٻيا علومِ دينيه آن لائن سيکاريا ويندا آهن* هفتيوار سنتن ڀريو اجتماع: هر خميس تي ملڪ ۽ پرڏيهه جي مختلف شهرن ۾ هفتيوار اجتماع ٿيندو آهي، جنهن ۾ تلاوت، نعت ۽ بيان سان گڏوگڏ آخر ۾ سکڻ سيکارڻ جا حلقا به لڳندا آهن، جن ۾ مختلف موضوعن تي علمِ دين سيکاريو ويندو آهي، هفتيوار اجتماع ۾ علمِ دين سکڻ ۽ ظاهري باطني اصلاح جو بهترين ذريعو آهي * هفتيوار مدني مذاڪرو: شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  هر هفتي جي رات مدني چينل تي براءِ راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن (يعني دنيا ڀر جي