Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat

Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat

مبارڪ آيَتُن مان ملندڙ سبق

حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  جي عِلم جي وُسعت

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه جي روشني ۾ سڀ کان پهريان ته حضرت آدَم عَلَیْهِ السَّلَام جي عِلم جي وُسعت تي غور فرمايو! الله پاڪ کين ڪهڙو بي مِثال ۽ باڪمال عِلم عطا فرمايو هو:

وَ عَلَّمَ اٰدَمَ الْاَسْمَآءَ كُلَّهَا

 (سيپارو: 1، البقرة: 31)       ترجموڪنزُ العرفان: ۽ الله پاڪ آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاري ڇڏيا

اَسۡمَاء اِسۡم جي جمع آهي، ان جي معنيٰ هوندي آهي: علامت، سڃاڻپ، نالو. ([1])

  يعني الله پاڪ حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي نالا ٻڌايا. ڪهڙي شيءِ جا؟ فرمايو:

كُلَّهَا

يعني هر شيءِ جا نالا ۽ انهن جي سڃاڻپ ٻڌائي. رُوۡحُ الۡبَيَان ۾ علامه اِسماعيل حَقِّي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن لفظ كُلَّهَا جي وضاحت ڪندي فرمايو: آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي سڀني فرشتن جا، قيامت تائين ايندڙ انهن جي سمورن اَولادن جا، سمورن حيوانن (يعني جانورن)، جمادات (يعني بي جان شين)، پکين، چوپايَن ۽ هر اهي جاندار جيڪي قيامت تائين پيدا ٿيڻ وارا هئا، انهن سڀني جا نالا، سمورن شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا، هر فصل، پن، جنّت جي هر هڪ نعمت بلڪ ائين چئو ته هر ننڍي وڏي شيءِ، ايتري تائين جو پيالو، ڍال ۽ کير ڪڍڻ واري ٿانوَ جو نالو به کين ٻڌايو ويو هو. ([2])


 

 



[1]... تفسیر نعیمی، پارہ:1، البقرۃ، زیر آیت:31،جلد:1، صفحہ:271۔

[2]... تفسیر روح البیان، پارہ:1، سورۃ البقرۃ، زیر آیت:31، جلد:1، صفحہ:100 خلاصۃً، دار احیاء التراث۔