Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat
ڪريم کان، حديثن کان، علماءِ دين جي لکيل ڪتابن کان ملندي آهي ۽ ان کي ئي علمِ دين چيو ويندو آهي.
تنهنڪري ضرورتًا دنياوي علوم پڙهڻ جيتوڻيڪ جائز آهي پر اُخروي لحاظ کان فضيلت صرف علمِ دين جي ئي آهي.
علم جي برڪت سان بااخلاق بڻجي ويو
پيارا اسلامي ڀائرو! علمِ دين خود به پڙهو! ۽ پنهنجي اولاد کي به علمِ دين جي طرف لڳايو!اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جا تمام گهڻا فائدا حاصل ٿيندا، الله پاڪ چاهيو ته دنيا به سڌرندي، اخلاق سٺا ٿيندا، ڪردار سٿرو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبر ۽ آخرت ۾ به ان جون برڪتون نصيب ٿينديون.
قصور (پنجاب، پاڪستان) جي رهواسي هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحريري بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان انتهائي بگڙيل اخلاق جو مالڪ هيس، اسڪول جي دوستن سان ملي ڪڏهن بس ڪنڊيڪٽر سان جهڳڙو ڪندا هئاسين ته ڪڏهن اسٽوڊنٽ سان. اسڪول جا سمورا ئي طالِبَ منهنجي انهن حرڪتن کان تنگ اچي چڪا هئا. هڪ ڀيرو هڪ اسلامي ڀاءُ منهنجي والد صاحب کي سفارش ڪئي ته پنهنجي پٽ کي دعوتِ اسلامي جي جامعةُ المدينه ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪجهه سالن کانپوءِ ئي توهان جو پٽ باعمل عالمِ دين بڻجي اڀرندو ۽ پنهنجي اصلاح سان گڏوگڏ دنيا ڀر جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ وارو بڻجي ويندو. سڀ کان وڌيڪ هي ته آخرت ۾ توهان جي نجات جو ضامن هوندو. بس پوءِ ڇا هو، هنن فوري طور مون کي جامعةُ المدينه ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. جامعةُ المدينه ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ منهنجي اخلاقيات ۾ ڏينهون ڏينهن بهتري اچڻ لڳي، وڙهڻ جهڳڙڻ کان بچندي پاڻ ۾ محبت سان رهڻ جو ذهن بڻجي ويو، نمازن جي پابندي سان گڏوگڏ علمِ دين جو خزانو