Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat

Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat

ويو آهي، انهن ۾ جيڪا بنيادي خوبي آهي جيڪا اَصۡل ۾ انسان کي اَشۡرفُ الۡمَخۡلُوۡقَات ۽ منصبِ خِلافت جو حقدار بڻائي ٿي، اها عِلم آهي، ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان به ضرور بالضرور عِلم دين سکون.

عُلَماء ئي انبياء جا وارث هوندا آهن

شيخ ابن عربي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: انسان 2 قِسم جا آهن: (1): هڪ ته انسان اهو آهي جنهن کي حيوانِ ناطِق (يعني ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارو جاندار) چوندا آهن، هر اهو شخص جيڪو حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي اَولاد مان آهي، اهو حيوانِ ناطق آهي (2): ٻيو هوندو آهي انسانِ ڪامِل، اهو اَصۡل ۾ اهو آهي جيڪو خِلافت جو حقدار آهي، جنهن کي اَشۡرفُ الۡمَخۡلُوۡقَات چيو ويو آهي، اهو ئي اَصۡل ۾ انسان آهي.

۽ اهو اِنسانِ ڪامِل هوندو ڪير آهي؟ فرمائن ٿا: ڪامِل ترين انسان انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام  آهن، پوءِ انهن کان بعد اهي انسان ڪمال تائين پهچندا آهن جيڪي انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام  جا وارِث هوندا آهن. ([1]) انبياء ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام  جا وارِث ڪير آهن؟ وڏي مشهور حديثِ پاڪ آهي، رسولِ ذيشان، مڪي مَدَني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ”اِنَّ الۡعُلَمَاءَ وَرَثَةُ الۡاَنۡبِيَاءِ، اِنَّ الۡاَنۡبِيَاءَ لَمۡ يُوَرِّثُوا دِيۡنَارًا وَلَا دِرۡهَمًا اِنَّمَا وَرَّثُوا الۡعِلۡمَ بيشڪ علماء انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام  جا وارث آهن، بلاشبه انبيا عَلَیْهِم السَّلَام  وراثت ۾ دِرۡهم و دينار نه صِرف ۽ صِرف عِلم ڇڏيندا آهن. ([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان خبر پئي ته اَصۡل ۾ انسانِ ڪامِل، اهو انسان آهي جيڪو خِلافت جو حقدار آهي، اَشۡرفُ الۡمَخۡلُوۡقَات آهي، اهو ئي آهي جيڪو صاحِبِ عِلم آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان عِلمِ دين سکون، ان تي عَمَل به ڪريون ۽ ٻين کي به سيکاريون ته جيئن پنهنجي اَصۡل منصب جا حقدار ٿي سگهون.


 

 



[1]... الانسان الکامل، صفحہ:9، 10 خلاصۃً۔

[2]... ترمذی، ابواب العلم، باب ما جاء فی فضل الفقہ علی العبادۃ، صفحہ:631، حدیث:2682۔