Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar
ڪاش! اسان کي الله پاڪ جي بارگاه ۾ اهڙي شاندار قرباني پيش ڪرڻ نصيب ٿئي.
حضرت مالِڪ بن دينار رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ تمام وڏا وليُ الله آهن، پاڻ فرمائن ٿا: مان هڪ ڀيري حج لاءِ وڃي رهيو هئس، مون رستي ۾ هڪ نوجوان حاجي کي ڏٺو، نه هٿ ۾ ڪو سامان، نه ڪپڙا، نه ڪا مال ملڪيت، پيادل ئي مڪي پاڪ ڏانهن هلندو پئي ويو، مون کيس سلام ڪيو، هن جواب ڏنو، مون پڇيو: اي نوجوان ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟ هن چيو: الله پاڪ وٽ. مون پڇيو: زادِ راه (يعني سفر جو سامان) ڪٿي آهي؟ چيائين: انهيءَ (يعني الله پاڪ) جي ذمهءِ ڪرم تي آهي. مون چيو: ايترو ڊگهو رستو بغير کاڌي پيتي جي طَئي نه ٿيندو، ڇا تو وٽ ڪجهه انتظام آهي؟ چيائين: جي ها! مان گهران نڪرڻ وقت 5 حرف زادِ راه( سفر جي سامان) طور کڻي ورتا هئا. اهي 5 حرف هي آهن: کٰھٰیٰعٓصٓ ڪاف مان مراد ڪَافِي (يعني الله پاڪ مون لاءِ ڪافي آهي). ھَا مان مراد ھَادِي (يعني الله پاڪ ئي راه ڏيکارڻ وارو آهي)، يَا مان مراد پناه ڏيڻ وارو، عَیْن مان مراد عَالِم (يعني الله پاڪ منهنجي حال کي ڄاڻڻ وارو آهي)، صَاد مان مراد صَادِق (يعني سچو جو هن جيڪو واعدو فرمايو آهي بلڪل حق، سچ آهي.
حضرت مالِڪ بن دينار رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: اسان ٻئي پنهنجي رستي هليا وياسين، مڪي پاڪ پهتاسين، حج ادا ڪيوسين، هي مِنٰي شريف ۾ حاضري جا ڏينهن هئا، ماڻهو الله پاڪ جي حضور قربانيون پيش ڪري رهيا هئا، ان دوران مون کي اهو ئي نرالو حاجي نظر آيو، ان جي زبان تي ڪجهه عربي اشعار هئا (جن جو ترجمو هيئن آهي:) (1): الله پاڪ جو قسم!