Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar
مان انهن جي پٺيان ڊوڙيس ۽ ويجهو وڃي عرض ڪيم: مون کي نصيحت ڪريو! فرمايائون: الله پاڪ کان ڊڄو! بيشڪ الله پاڪ غَيُّور آهي، اهو پنهنجي ٻانهي جي دل ۾ پنهنجي علاوه ڪنهن جي محبت پسند ناهي فرمائيندو. ([1])
روايتن ۾ آهي: الله پاڪ پنهنجي هڪ نبي عَلَیْهِ السَّلَام ڏانهن وحي موڪلي، فرمايائين: منهنجو فلاڻو ٻانهو مون کان پنهنجي حاجت گهري رهيو آهي جيڪڏهن اهو هڪ ڪم ڪري ته ان جي حاجت پوري ٿي سگهي ٿي. نبي عَلَیْهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي مالڪِ ڪريم! اهو ڪهڙو ڪم آهي؟ فرمايائين: ان جي دل ۾ منهنجي غير جي محبت سمايل پئي آهي، جيڪڏهن اهو پنهنجي دل کي غير جي محبت کان خالي ڪري ڇڏي ته مان ان جي حاجت پوري ڪري ڇڏيندس. ([2])
مرے دِل سے دُنیا کی چاہت مٹا کر کر اُلْفت میں اپنی فنا یااِلٰہی!
تُو اپنی وِلایت کی خیرات دیدے مرے غوث کا واسطہ یااِلٰہی! ([3])
غيرتِ الٰهي کي پسند ئي نه آهي ته...
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جڏهن قرباني جي جانور جي ڳلي تي ڇُري رکو ته ان وقت الله پاڪ جي غيرت کي ضرور ياد ڪجو ٭ ٻانهو الله پاڪ جو هجي ۽ دل ۾ محبت مال جي رکي ٭ ٻانهو الله پاڪ جو هجي ۽ دل ۾ محبت دنيا جي رکي ٭ ٻانهو الله پاڪ جو هجي ۽ دل ۾ محبت عهدي ۽ منصب جي رکي ٭ ٻانهو الله پاڪ جو هجي ۽ دل ۾ محبت عزت ۽