Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar
مِراہرعَمَل بس ترے واسطے ہو کر اِخْلاص ایسا عطا یااِلٰہی!([1])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
مسلمان الله پاڪ سان تمام گهڻي محبت ڪندا آهن
سيپارو: 2، سوره بقرہ، آيت: 165 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ یَّتَّخِذُ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَنْدَادًا یُّحِبُّوْنَهُمْ كَحُبِّ اللّٰهِؕ (سيپارو: 2، البقرة: 165)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ڪي ماڻهو الله کان سواءِ ٻيا معبود بڻائيندا آهن انهن کي الله جهڙو محبوب رکندا آهن ۽ ايمان وارا سڀ کان وڌيڪ الله سان محبت ڪندا آهن.
هن آيتِ ڪريمه ۾ 2 قسم جي محبتن جو مقابلو ڪيو ويو آهي: (1): ڪافر جي پنهنجن ڪوڙن خدائن سان محبت (2): مؤمن جي پنهنجي سچي خدا سان محبت. الله پاڪ فرمايو:
وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَشَدُّ حُبًّا لِّلّٰہِ ؕ
يعني ڪافر پنهنجن ڪوڙن خدائن سان محبت ته ڪندا آهن پر مؤمن ٻانهو پنهنجي سچي خدا سان جيتري شديد، جيتري پڪي ۽ گهري محبت ڪندو آهي، اهڙي محبت ناهن ڪندا.
آخر ڪهڙو فرق آهي؟ مؤمن ٻانهي جي پنهنجي رب سان محبت پڪي ڇو آهي؟ ٭ اسان مسلمان الله پاڪ جي عبادت ڪندا آهيون ته ڪافر به پنهنجن ڪوڙن خدائن جي عبادت ڪندا آهن ٭ اسان مسلمان پنهنجي رب جي رضا لاءِ مال قربان ڪندا آهيون ته ڪافر به پنهنجن ڪوڙن خدائن لاءِ