Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar
جيڪڏهن منهنجي روح کي علم ٿي وڃي ته اهو ڪهڙي ذات سان محبت ڪري ٿو ته قدم جي بجاءِ مٿي ڀر بيهي رهي (2): ماڻهن عيد جي ڏينهن رڍن، ٻڪرين ۽ اُٺن جي قرباني ڪئي ۽ محبوب ان ڏينهن منهنجي جان جي قرباني ڪئي، ماڻهن جو حج ٿيو ۽ منهنجو حج منهنجي محبوب وٽ وڃڻ آهي، ماڻهن قربانيون ڪيون ۽ مون پنهنجي جان ۽ پنهنجي رت جي قرباني جو تحفو پيش ڪيو.
شعر پڙهڻ کان پوءِ اهو الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو حاجي ٻاڏائڻ لڳو ۽ عرض ڪيائين: اي الله پاڪ! ماڻهن قربانيون ڪيون ۽ تنهنجو قرب حاصل ڪيو، مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي جيڪو تنهنجي راهه ۾ قربان ڪيان. ها! هيءَ منهنجي جان آهي، بس مان اها ئي تنهنجي بارگاه ۾ پيش ڪريان ٿو، تون ان کي قبول فرماءِ. اهو چوڻ کان پوءِ ان حاجي هڪ رَڙ ڪئي، زمين تي ڪريو ۽ وفات ڪري ويو. حضرت مالِڪ بن دينار رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: پوءِ ان سان گڏ ئي غيب مان هڪ آواز گونجي اٿيو: هي الله پاڪ جو پيارو آهي جيڪو محبتِ الٰهي جي تلوار سان قتل ٿيو. ([1])
جانتا ہے بارگاہِ حق کے آئین و اُصول؟ دِل کے ٹکڑوں کی یہاں پر نذر ہوتی ہے قبول
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش! اسان کي به الله پاڪ جي محبت ۾ ذوق و شوق سان الله پاڪ جي راهه ۾ قرباني پيش ڪرڻ نصيب ٿي وڃي.
محبتِ الٰهي ڪنهن کي چوندا آهن؟
پيارا اسلامي ڀائرو! قرباني محبتِ الٰهي جو عملي اظهار آهي، محبتِ الٰهي ڪنهن کي چوندا آهن؟ اچو! اهو به سمجهي وٺون: اعليٰ حضرت جا