Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

والد محترم مولانا مفتي نقي علي خان رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ لکن ٿا: الله پاڪ جي وڏائي، ان جي عظمت، ان جو شوق دل ۾ ايترو پيدا ٿئي جو ان جي ياد ۾ سڀني کان بيزار ۽ ان جي طلب ۾ بيقرار رهي، ان ڪيفيت کي محبتِ الٰهي چوندا آهن. ([1]) حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: محبتِ الٰهي هڪ خاص صفت آهي، جيڪا فرمانبردار مؤمن جي دل ۾ ظاهر ٿيندي آهي، ان جي بدولت ٻانهو محبوبِ حقيقي (يعني الله پاڪ) جي رضا چاهيندو، ان جي ديدار جي خواهش ڪندو، ان جو قرب حاصل ڪرڻ جي آرزو ۾ بيچين رهندو، انهيءَ جو ذڪر ڪندو آهي ۽ پنهنجون خواهشون ڇڏي ان جي حڪم جي سامهون سر جهڪائي ڇڏيندو آهي. ([2])  

الله ۽ رسول جي محبت فرض آهي

حُجَّةُ الْاِسْلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: اُمت ان ڳالهه تي متفق آهي ته الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي محبت فرض آهي. ([3]) قُوۡتُ الۡقُلُوب ۾ آهي: هر مؤمن الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو آهي، البته هر هڪ جي محبت ان جي ايمان جي پختگي مطابق گهٽ وڌ هوندي آهي. ([4])

محبّت میں اپنی گما یااِلٰہی                                     نہ پاؤں میں اپنا پتا یااِلٰہی!

رہوں مست و بےخُود میں تیری وِلا میں             پِلا جام ایسا پِلا یااِلٰہی!

مرے دِل سے دُنیا کی چاہت مٹا کر                     کر اُلْفت میں اپنی فنا یااِلٰہی!

تُو اپنی وِلایت کی خیرات دیدے                       مرے غوث کا واسطہ یااِلٰہی!


 

 



[1]...انوارِ جمالِ مصطفےٰ  صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ،صفحہ:416  بتغیر قلیل۔

[2]...کَشْفُ الْمَحْجُوب ،صفحہ:449 بتغیر قلیل۔

[3]...احیاء علومِ الدین ،کتاب المحبۃ و الشوق…الخ،بیان شواہد الشرع فی حب اللہ …الخ،جلد:4 ،صفحہ:357۔

[4]...قوت القلوب،الفصل الثانی و الثلاثون،ذکر احکام المحبۃ…الخ،جلد:2 ،صفحہ:82۔