Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

شهرت جي رکي ٭ ٻانهو الله پاڪ جو هجي ۽ عبادتن ۾ ڏيکاءُ ڪري   ٭ ٻانهو الله پاڪ جو هجي ۽ غيرن جي خوشي چاهي ٭ ٻانهو الله پاڪ جو هجي ۽ الله پاڪ جي گهر مان حَیَّ عَلَی الصَّلَاۃ جو آواز ٻڌي به حاضر نه ٿئي ٭ ٻانهو الله پاڪ جو هجي ۽ ان جي نافرماني تي تيار رهي، الله پاڪ جي غيرت کي هي هرگز پسند نه آهي. ان لاءِ راهِ خُدا ۾ جانور قربان ڪندي وقت هن غيرتِ الٰهي کي ضرور ياد رکو! ۽ دل ۾ محبت ڀريا جذبات رکي، سچي دل سان چئو!

قُلْ اِنَّ صَلَاتِیْ وَ نُسُكِیْ وَ مَحْیَایَ وَ مَمَاتِیْ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَۙ(۱۶۲) (سيپارو: 8، سوره انعام: 162)

ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ منهنجي نماز ۽ منهنجون قربانيون ۽ منهنجو جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ سڀ الله جي لاءِ آهي جيڪو سموري جهانن جو رب آهي.

اي مالڪِ ڪريم! ٭ منهنجون نمازون به تنهنجي لاءِ ٭ منهنجي قرباني به تنهنجي لاءِ ٭ منهنجو جيئڻ به تنهنجي لاءِ ٭ منهنجو مرڻ به تنهنجي لاءِ ٭ اي ربِ ڪائنات! اڄ جيئن تنهنجي حڪم تي مان جانور قربان ڪري رهيو آهيان، ائين ئي اڄ کان نفسِ اَمَّارہ (يعني براين تي اڀاريندڙ نفس) کي به قربان ڪريان ٿو ٭ اي مالڪِ ڪريم! دنيا جي محبت ٭ مال جي محبت ٭ منصب جي محبت ٭ عزت ۽ شهرت جي محبت بلڪه    ٭ هر اها شيءِ جيڪا مون کي تنهنجي رستي کان روڪي، انهن سڀني جي محبت اڄ کان قربان ڪريان ٿو، اڄ کان منهنجي دل ۾ صرف ۽ صرف تنهنجي ئي محبت موجود هوندي.

یہ  اِک جان کیا ہے، اگر ہوں کروڑوں              تیرے نام پر سب کو وارا کروں میں([1])


 

 



[1]...سامانِ بخشش، صفحہ:152۔