Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

ڪري ملهائيندو آهي، مؤمن ٻانهو اهڙو نه آهي جو مشڪل اچي ته رب کي پڪاري، خوشي اچي ته سرڪش ٿي وڃي، هي ته ڪافرن جو حال آهي. مؤمن ٻانهو هر حال ۾ الله پاڪ کي ئي ياد ڪندو آهي، انهيءَ سان لَو لڳائيندو آهي، اڄ جيئن ته محبتِ الٰهي جي عملي اظهار جو ڏينهن آهي، ان لاءِ پڪي نيت ڪريو! اڄ قرباني ڪنداسين، لازمي ڪنداسين ۽ گڏوگڏ محبتِ الٰهي جو عملي اظهار ڪندي اڄ به ۽ آئنده پوري زندگي گناهن کان بچندا رهنداسين، الله پاڪ جي محبت ۾ سرمست ٿي، ان جي رضا جا طلبگار بڻجنداسين، هميشه ان جي رضا وارا ئي ڪم ڪندا رهنداسين اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

نہ دے ایسی خوشیاں جو غفلت میں ڈالیں              خدایا! غمِ مصطفےٰ مانگتا ہوں

گُنَاہوں کے امراض نے مجھ کو مارا                        اِلٰہی! میں ان سے شفا مانگتا ہوں([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

قرباني جون کلون دعوتِ اسلامي کي ڏيندا!

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان جي پنهنجي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ڪنز المدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي. تقريبن 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعات ۽ مدارس المدينه (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا) قائم آهن، جن ۾ حفظ و ناظره، عالم ڪورس (درسِ نظامي)، مختلف تخصصات  (Specialization)، فرائض علوم ڪورسز ڪرايا وڃن ٿا. ٭ جامعات ۽ مدارس المدينه (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) ۾ شاگردن جو تعداد 5 لک 30 هزار کان وڌيڪ آهي. ٭ وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآن ڪريم جي تعليم ڏيڻ لاءِ هاڻي تائين تقريبن 74 هزار 887 مدارس


 

 



[1]...وسائلِ فردوس ،صفحہ:2 ملتقطًا۔