Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar
پهرين هن طرح نيت ڪريو: ٭ مان نيت ڪريان ٿو 2 رڪعت نماز عيد الاضحيٰ جي، ساڻ 6 زائد تڪبيرن جي، واسطي الله پاڪ جي، پٺيان هن امام جي. ٭ پوءِ ڪنن تائين هٿ مٿي کڻو ۽ اَللهُ اَڪۡبَر چئي حسبِ معمول دُنَ جي هيٺان ٻڌي وٺو ۽ ثنا پڙهو. ٭ پوءِ ڪنن تائين هٿ مٿي کڻو ۽ اَللهُ اَڪۡبَر چوندي لٽڪائي ڇڏيو. ٭ وري هٿ ڪنن تائين مٿي کڻو ۽ اَللهُ اَڪۡبَر چئي لٽڪائي ڇڏيو. ٭ پوءِ ڪنن تائين هٿ مٿي کڻو ۽ اَللهُ اَڪۡبَر چئي ٻڌي وٺو يعني پهرين تڪبير کان پوءِ هٿ ٻڌو، ان کان پوءِ ٻي ۽ ٽين تڪبير ۾ لٽڪايو ۽ چوٿين ۾ هٿ ٻڌي وٺو، ان کي هن طرح ياد رکو ته جتي قيام ۾ تڪبير کان پوءِ ڪجهه پڙهڻو آهي اتي هٿ ٻڌڻا آهن ۽ جتي ناهي پڙهڻو اتي هٿ لٽڪائڻا آهن. ٭ پوءِ امام تَعَوُّذ ۽ تَسۡميه آهستي پڙهي اَلْحَمْد شريف ۽ سورت جهر (يعني بلند آواز) سان پڙهي. ٭ پوءِ رڪوع ڪري. ٭ ٻي رڪعت ۾ پهرين اَلْحَمْد شريف ۽ سورت جهر(يعني بلند آواز) سان پڙهي. ٭ پوءِ 3 ڀيرا ڪنن تائين هٿ مٿي کڻي اَللهُ اَڪۡبَر چئو ۽ هٿ نه ٻڌو ۽ چوٿين ڀيري بغير هٿ مٿي کڻڻ جي اَللهُ اَڪۡبَر چوندي رڪوع ۾ وڃو ۽ قاعدي مطابق نماز مڪمل ڪري وٺو. هر 2 تڪبيرن جي وچ ۾ 3 ڀيرا سُبْحٰنَ اللہ چوڻ جي مقدار چپ بيهي رهڻو آهي. ([1])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد