Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

قرباني جي عيد ايثار جي جذبي جو اظهار آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اڄ یَوْمُ النَّحر (يعني قرباني جو ڏينهن) آهي، اڄ اهو مبارڪ ڏينهن آهي جو جنهن ڏينهن الله پاڪ جي پياري خليل حضرت ابراهيم عَلَیْهم السَّلَام جن محبتِ الٰهي جو عملي ثبوت ڏيندي، ربِّ ڪريم جي رضا خاطر پنهنجي پٽ جي نِڙيءَ تي ڇري رکي ۽ عشق ۽ محبت، اِتّباع ۽ فرمانبرداري ۽ ايثار جي جذبي ۽ اُلفت جي هميشه رهندڙ مثال قائم فرمائي.

عِیدِ قرباں جذبۂ ایثار کا اِظْہار ہے            یہ اطاعت کا خلیل اللہ کی معیار ہے

ہے یہ تسلیم و رضا کی ایک لافانی مثال       جان دینے کے لئے فرزند بھی تیار ہے

باپ کا حُسْنِ عَمَل،بیٹے کا ذوقِ اِتباع         اس مثالی داستاں کا مرکزی کردار ہے

10 ذوالحج جي فضيلت

   الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو:      اِنَّ اَعْظَمَ الْاَ یَّامِ عِنْدَ اللہِ یَوْمُ النَّحْرِ بيشڪ الله پاڪ وٽ سڀ کان عظمت وارو ڏينهن يومُ النَّحۡر (يعني 10 ذوالحج جو ڏينهن) آهي. ([1])

  حضرت براء بن عازِب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ صحابيءِ رسول آهن، پاڻ فرمائن ٿا: یَوْمُ النَّحْر (يعني عيد الاضحيٰ جي پهرين ڏينهن) سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن خطبو ڏيندي فرمايو: اِنَّ اَوَّلَ مَا نَبْدَءُ بِهٖ فِیْ یَوْمِنَا ھٰذَا اَنْ نُصَلِّیَ يعني اڄ جي ڏينهن اسان سڀ کان پهريون ڪم جيڪو ڪنداسين اهو (عيد جي) نماز پڙهڻ آهي، ثُمَّ نَرْجعَ فَنَنْحَرَ پوءِ اسان گهرن ڏانهن وينداسين ۽ قرباني


 

 



[1]... ابو داؤد، کتاب المناسک ،باب فی الہدی اذا …الخ،صفحہ:286 ،حدیث:1765ملتقطًا۔