Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar
عِیْدِ قرباں سے مُقَدَّس نہیں کوئی تقریب اس طرح بُھولا سبق یاد دِلایا گیا ہے
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ غيرت فرمائيندو آهي، اڄ اسان کي قرباني ڪرڻي آهي ته ان ۾ هن غيرت کي به لازمي ياد رکڻو آهي. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اِنَّ اللهَ یَغَارُ وَ غَیْرَۃُ اللہِ اَنْ یَّاْتِیَ الْمُؤْمِنُ مَا حَرَّمَ اللہُ عَلَیْہِ بيشڪ الله پاڪ (پنهنجي شايانِ شان) غيرت فرمائيندو آهي ۽ الله پاڪ جي غيرت ان ڳالهه تي آهي جو ٻانهو اهي ڪم ڪري جيڪي الله پاڪ ان تي حرام ڪيا آهن. ([1])
شيخ عبد الحق مُحدثِ دهلوي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: الله پاڪ کي پنهنجن ٻانهن سان جيڪا محبت آهي، ان جي بنياد تي ٻانهن کي گناهن کان منع فرمائيندو آهي ته جيئن اهي بارگاهِ الٰهي جي قُرب کان پري نه ٿي وڃن، انهيءَ ڳالهه کي غيرتِ الٰهي چوندا آهن. ([2])
رِسَالَہ قُشَیرِیہ ۾ آهي: غيرت جي معنيٰ آهي: شرڪت کي ناپسند ڪرڻ ۽ غيرتِ الٰهي جو مطلب هي آهي ته الله پاڪ پنهنجي حق ۾ ڪنهن جي شرڪت کي پسند ناهي فرمائيندو. ([3])
حضرت محمد بن حَسَّان رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: مان لبنان جي پهاڙن ۾ هئس، اتي مون هڪ نيڪ ماڻهو ڏٺو، اهو مون کي ڏسندي ئي ڀڄڻ لڳو،