Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

ڪنداسين، فَمَنْ فَعَلَ ذٰلِکَ فَقَدْ اَصَابَ سُنَّتَنَا پوءِ جنهن ائين ئي ڪيو، اهو اسان جي سُنت کي پهچي ويو. ([1])

عيدُ الاَضحيٰ جو سڀ کان پسنديده عمل

  حديث پاڪ جي مشهور ڪتابن: تِرمذِي ۽ اِبنِ ماجه ۾ مسلمانن جي پياري اَمڙ سانئڻ حضرت عائشه صديقه، طيبه طاهره رَضِیَ اللهُ عَنْہا کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، مُحَمَّدِ عربي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: یَوْمُ النَّحْر (قرباني جي ڏينهن) انسان جي عملن ۾ الله پاڪ وٽ سڀ کان پسنديده عمل (قرباني جي جانور جو) رت وهائڻ آهي. بيشڪ قرباني روزِ قيامت پنهنجن سڱن، وارن ۽ کُھرن سان گڏ آندي ويندي ۽ بيشڪ (قرباني جي جانور جو) رت زمين تي ڪرڻ کان پهرين الله پاڪ وٽ بلند مقام تي پهچي ويندو آهي. پوءِ خوش دلي سان قرباني ڪريو! ([2])  

نشانی ہے وفا کی اور اِک نعمت ہے قربانی              خُدا کے دوست ابراہیم کی سُنّت ہے قربانی

مسلمانوں کبھی قربانی سے پیچھے نہیں ہٹنا              وقارِ دِین ہے، اسلام کی شوکت ہے قربانی

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                     صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

قرباني محبتِ الٰهي جو عملي اظهار آهي

    پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم خليل الله عَلَیْهِ السَّلَام جن جي لازوال(هميشه رهندڙ) قرباني جو واقعو وڏو مشهور آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعْیَ قَالَ یٰبُنَیَّ اِنِّیْۤ اَرٰى فِی الْمَنَامِ اَنِّیْۤ اَذْبَحُكَ

ترجمو ڪنزُالعرفان: سو جڏهن اهو ان سان گڏ ڪوشش ڪرڻ جي قابل عمر کي


 

 



[1]... بخاری ،کتاب العیدین،باب التبکیر الی العید،صفحہ:292 ،حدیث:968۔

[2]...ترمذی،کتاب الاضاحی،باب ما جاء فی فضل الاضحیہ ،صفحہ:383 ،حدیث:1493۔