Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai
اَلَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَہُمْ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰہِ ثُمَّ لَا یُتْبِعُوْنَ مَاۤ اَنْفَقُوْا مَنًّا وَّ لَاۤ اَذًی ۙ لَّہُمْ اَجْرُھُمْ عِنْدَ رَبِّہِمْ ۚ
(پارہ:3 ، سورۀ بقرہ:262)
ترجمو ڪنزالعرفان: اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن پوءِ پنهنجي خرچ ڪرڻ کان بعد نه احسان جتائيندا آهن ۽ نه تڪليف ڏيندا آهن. انهن جو انعام انهن جي رب وٽ آهي.
الله پاڪ اسان کي به مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي سخاوت جي شان ۽ سخاوت جي انداز مان حصو نصيب فرمائي. ڪاش! حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي صدقي ۾ اسان کي به اخلاص سان صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جو جذبو ۽ سعادت نصيب ٿي وڃي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
مِرا ہر عمَل بس ترے واسطے ہو کر اِخلاص ایسا عطا یا الٰہی!([1])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم ۾ هڪ ٻئي مقام تي به حيدر جي گهراڻي جي نرالي سخاوت جو بيان آهي جيئن سيپاري: 29، سورت دهر، آيت: 8 ۽ 9 ۾ ارشاد ٿئي ٿو