Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

هي آهي ايثار ۽ سخاوت جي اُخروي جزا...! الله پاڪ اسان کي به غريبن، مسڪينن ۽ يتيمن جو خيال ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

 عطيات جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!              * ڪنزالمدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي. * تقريباً 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعات و مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) قائم آهن، جن ۾ حفظ و ناظرہ، عالِم ڪورس (درسِ نظامي)، مختلف تخصصات (Specialization)، فرائض علوم ڪورسز ڪرايا ويندا آهن * جامعات و مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) جي طلبا جو تعداد تقريبًا 5 لک 23 هزار آهي. * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآنِ ڪريم جي تعليم ڏيڻ لاءِ هن وقت تائين تقريباً 68 هزار کان وڌيڪ مدارس المدينه بالغان و بالغات قائم ڪيا ويا آهن، * فيضان آن لائن اڪيڊمي جي ذريعي تقريباً 24 هزار طلبا و طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. * هن وقت تائين تقريباً 21 دارالافتاء   اهلسنت قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ شرعي رهنمائين جو تعداد  هر ماهه اوسطاً 20 هزار آهي. * المدينة العلميه  (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) (Islamic Research Center)  جي ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم ڪيو ويندو آهي،