Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

اَلَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَہُمْ بِالَّیْلِ وَ النَّہَارِ سِرًّا وَّ عَلَانِیَۃً فَلَہُمْ اَجْرُھُمْ عِنْدَ رَبِّہِمْ ۚ وَ لَا خَوْفٌ عَلَیْہِمْ وَ لَا ھُمْ یَحْزَنُوْنَ (۲۷۴

 (پارہ:3 ، سورۀ بقرہ:274)

ترجمو ڪنزالعرفان: اهي ماڻهو جيڪي رات ۾ ۽ ڏينهن ۾، لڪائي ۽ ظاهر پنهنجا مال خيرات ڪن ٿا انهن جي لاءِ انهن جو اجر انهن جي رب وٽ آهي. انهن تي نه ڪو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين هوندا.

هڪ قول موجب هيءَ آيت مسلمانن جي چوٿين خليفي امير المومنين حضرت مولا علي شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي شان ۾ نازل ٿي، حضرت مولا علي شيرِ خدا   رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ وٽ فقط 4 درهم هئا ۽ ٻيو ڪجهه نه هو. سندن اهي چارئي درهم راههِ خدا ۾ صدقو ڪري ڇڏيا ۽ صدقو ڪرڻ جو انداز ڪيترو نرالو هو، سندن هڪ درهم ڏينهن جي وقت صدقو ڪيو، هڪ درهم اعلانيه طور صدقو ڪيو ۽ هڪ درهم لڪائي ڪري صدقو ڪيو. (1)

 الله ڪريم کي هي علي المرتضيٰ جي ادا پسند آئي ته الله پاڪ هيءَ آيتِ ڪريمه نازل فرمائي ۽ فرمايو ته جيڪي ماڻهو پنهنجو مال رات ۽ ڏينهن ۾ ڳجهي ۽ ظاهري طور تي صدقو ڪندا آهن، انهن لاءِ سندن رب وٽ اجر آهي، انهن تي نه ڪو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ٿيندا.

پیکرِ جُودو سخا تُو، میں فقیر وبے نوا                                                                      تُو ہے داتا میں گدا، مولیٰ علی مشکلکُشا

بھیک لینے کیلئے، دربار میں منگتا ترا                                                               لے کے کشکول آ گیا، مولیٰ علی مشکلکُشا

کیوں پھروں  در در، بھلا خیرات لینے کیلئے                                 میں فقط منگتا تِرا، مولیٰ علی مشکلکُشا

اسان جو خيرات ڪرڻ جو انداز

سُبۡحٰنَ الله! ڇا شان آهي مسلمانن جي چوٿين خليفي اميرالمؤمنين حضرت مولا