Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

کي ئي ايثار چئبو آهي ۽ ايثار سخاوت جي بلند ترين صورت هوندي آهي۔ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو:جيڪو شخص ڪنهن شيءِ جي خواهش رکندو هجي، پوءِ ان خواهش کي روڪي ڪري پنهنجي مٿان (ٻئي کي) ترجيح ڏي، ته الله پاڪ ان کي بخشي ڇڏيندو آهي. ([1])   

سُبۡحٰنَ الله! مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو صدقو، الله پاڪ اسان کي ايثار ۽ سخاوت جي توفيق عطا فرمائي. ڪاش! بغير حساب جي جنت ۾ داخلو ملي وڃي.  

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ۔  

بِلا حساب ہو جنّت میں داخِلہ یَاربّ!                                                        پڑوس خُلد میں سرور کا ہو عطا یَاربّ!

نبی کا صَدقہ سدا کیلئے تُو راضی ہو                                                                              کبھی بھی ہونا نہ ناراض یَاخدا! یَاربّ!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

شڪريي جي به طلب نه رکي

پيارا اسلامي ڀائرو!  الله پاڪ حيدر جي گهراڻي جي نرالي سخاوت جو هڪ ٻيو حسين پهلو به هن ئي آيت ۾ بيان فرمايو، ارشاد ٿئي ٿو:

اِنَّمَا نُطْعِمُکُمْ لِوَجْہِ اللّٰہِ لَا نُرِیْدُ مِنْکُمْ جَزَآءً   وَّ  لَا  شُکُوْرًا (۹)  اِنَّا نَخَافُ مِنْ رَّبِّنَا یَوْمًا عَبُوْسًا قَمْطَرِیْرًا (۱۰)

(پارہ:29 ، سورۀ دھر:9-10)

ترجمو ڪنزالعرفان: اسان توهان کي خاص الله جي رضا جي لاءِ کاڌو کارايون ٿا. اسان توهان کان نه بدلو گهرون ٿا ۽ نه مهرباني. بيشڪ اسان کي پنهنجي رب کان هڪ اهڙي ڏينهن جو خوف آهي جيڪو گهڻو سخت بيحد سخت آهي.

 

يعني نِرالا سخي جڏهن مسڪين، يتيم ۽ قيدي کي کاڌو ڏيندا آهن ته انهن کي چوندا آهن: اسان اوهان کان بدلو نٿا گهرون، توهان اسان کي شڪريه چئو! "Thanks"  چئو!  اسان کي ان جي به ضرورت ناهي۔ اسان ته صرف الله پاڪ جي


 

 



[1]...اِتحافُ السّادَۃ للزّبیدی ،جلد:9 ،صفحہ:779،جامع الاحادیث ،جلد:3 ،صفحہ:428،حدیث:9572۔