Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai
هڪ افطار جي لاءِ حضرت عبدالله بن جعفر رَضِىَ اللهُ عَـنْهما وٽ تشريف وٺي ويندا هئا. معمول مبارڪ اهو جو 3 گرهن کان وڌيڪ کاڌو نه کائيندا ۽ فرمائيندا هئا: مون کي اهو سٺو لڳندو آهي ته جڏهن مان الله پاڪ سان ملاقات ڪيان ته منهنجو پيٽ خالي هجي. شهادت واري رات (يعني جنهن رات جي صبح سندن تي قاتلاڻو حملو ٿيو) ان رات ته اها حالت رهي جو بار بار گهر کان ٻاهر نڪرندا ۽ آسمان ڏانهن ڏسي فرمائيندا هئا: الله پاڪ جو قسم! مون کي ڪا به ڪوڙي خبر ناهي ڏني وئي، هي اها ئي رات آهي جنهن جو وعدو ڪيو ويو آهي (ڄڻ ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي پنهنجي شهادت جو پهريان کان ئي علم هو). ([1])
17 يا 19 رمضان المبارڪ جي صبح جو سحري جي وقت پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ اٿيا، فجر جي نماز جو وقت ٿيو ته سندن مسجد ڏانهن روانا ٿيا، رستي ۾ ماڻهن کي نماز جي لاءِ آواز ڏيندي وڃي رهيا هئا ته اوچتو ابنِ مُلجَم بدبخت پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ تي تلوار جو زور سان وار ڪيو، جنهن جي شدت سان سندس پيشاني مبارڪ سخت زخمي ٿي پئي. ان دوران هر طرف کان ماڻهو ڊوڙندا آيا ۽ ابن ملجم بدبخت کي گرفتار ڪري ورتو. هن دردناڪ واقعي کان 2 ڏينهن بعد سندن کي شهادت ملي. ([2])
مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو حسنِ سلوڪ
روايتن ۾ آهي: اميرالمؤمنين مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ زخمي حالت ۾ هئا، ابنِ مُلۡجَم کي گرفتار ڪيو ويو هو، ان تي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمايو: ابنِ مُلۡجَم قيدي آهي، ان سان چڱو ورتاءُ ڪيو! ان کي چڱي جڳهه تي رکو...!! جيڪڏهن مان جيئرو رهيس ته منهنجي مرضي آهي ته مان ان کي معاف ڪيان يا بدلو وٺان، جيڪڏهن مان شهيد ٿي ويس ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ان کان بدلو وٺندس. ([3])