Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.  

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)

مسئلو: روزي جي حالت ۾ مسواڪ(ڏندڻ) ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي.

وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته روزي جي حالت ۾ ڏندڻ نٿو ڪري سگهجي، اصل ۾ ائين ناهي، اصل مسئلو هي آهي ته روزي جي حالت ۾ هر قسم جو ڏندڻ ڪري سگهو ٿا ان جي ڪرڻ سان روزو ناهي ٽٽندو بلڪ جهڙي طرح عام ڏينهن ۾ مسواڪ ڪرڻ سنت آهي اهڙي طرح روزي جي حالت ۾ به سنت آهي. ها! البت هي ڳالهه ياد رهي ته جيڪڏهن روزيدار هئڻ ياد هجي ۽ چٻائڻ کان ريشا ٽٽن يا ذائقو محسوس ٿئي ته چٻائڻ کان بچڻ گهرجي. جنهن ڏندڻ جا ريشا ٽٽندا هجن ۽ روزيدار هئڻ ياد هئڻ جي صورت ۾ ڏندڻ جو ڪو ريشو حلق ۾ هليو ويو ته ان سان روزو ٽٽي پوندو. فتاويٰ عالمگير ۾ آهي: روزي جي حالت ۾ مسواڪ ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي چاهي مسواڪ خشڪ هجي يا آلي ۽ چاهي صبح جو ڪئي وڃي يا شام جو. ([1]) 

 

اسماءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

یَابَارِئُ

جيڪو به هر جمعي تي 10 ڀيرا یَابَارِئُ پڙهي وٺندو ڪري، الله پاڪ ان کي پٽ عطا فرمائيندو. ([2]) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم !



[1]... فتاویٰ ہندیہ ، کتاب الصوم ، الباب الثالث فیما یکرہ للصائم وما لا یکرہ ، جلد:1، صفحہ:199۔

[2]...مدنی پنج سورہ  ،صفحہ:248۔