Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

مرتضٰي جي سخاوت جا چند حسين پهلو

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ حضرت مولا علي شيرِ خدا ۽ سندن اهلِ خانه رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي نرالي سخاوت جا ڪجهه حسين پهلو بيان ڪيا ويا آهن۔

سڀ کان پهريان ته هي ڏسو جو جڏهن ڪو سخاوت ڪندو آهي ته ان ۾ 2 شيون تمام گهڻو اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن:

(1) سخاوت ڪندي ان شخص جي پنهنجي حالت ڪهڙي آهي؟ (2) اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ان کي سخاوت ڪرڻ تي آماده ڪري رهي آهي؟ ڪنهن به سخي جي سخاوت جو وزن انهن ٻنهي شين سان بڻجندو آهي۔ الله پاڪ حيدر جي گهراڻي جي سخاوت جي انهن ٻنهي پهلوئن کي ٻن لفظن ۾ بيان ڪيو، فرمايو:

عَلٰی حُبِّہٖ

(پارہ:29، سورۀ دھر :8)

ترجمو ڪنزالعرفان: ان جي محبت ۾

 

مفسرينِ ڪرام هن لفظن جون ٻه معنائون بيان ڪيون آهن:

(1) هي ته کاڌو کارائيندي وقت انهن کي پاڻ ان کاڌي جي تمام گهڻي حاجت ۽ خواهش هئي۔ (2) هي ته اهي الله پاڪ جي محبت ۾ کاڌو کارائي رهيا هئا۔([1])   

   هي ٻنهي ڳالهين جو بيان ٿي ويو۔ حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ۽ سندن اهلِ خانه جڏهن هي سخاوت ڪري رهيا هئا، انهن جي حالت اهڙي هئي جو انهن ٽن ڏينهن جا روزا رکيا، ٽئي ڏينهن کاڌو حاضر ڪيو ويو، اهڙي حالت ۾ کين کاڌي جي ڪيتري حاجت ۽ خواهش هوندي آهي، اڄڪلهه رمضان المبارڪ آهي، اسان به روزا رکندا آهيون، افطار جي وقت اسان ان جو اندازو ڪري سگهون ٿا، قربان وڃو! حيدر جي گهراڻي سخاوت ڪئي، مانيون ايثار ڪيون ۽ اهي به ڪنهن وقت، ڪهڙي حالت ۾، جڏهن ته انهن کي پاڻ کائڻ جي سخت حاجت هئي. پنهنجو پيٽ


 

 



[1]...تفسیر خزائن العرفان ،پارہ:29 ،سورۂ دہر ،زیرِ آیت:7 ،صفحہ:1073۔