Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai
نازل ٿي ته الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو: توهان جي خيال ۾ هڪ دينار ٺيڪ آهي؟ مون عرض ڪيو: ماڻهو ايتري جي طاقت نه رکندا. فرمايو: اڌ دينار. مون عرض ڪيو اهو به نه ڏئي سگهندا. حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: پوءِ ڪيترو هئڻ گهرجي. مون عرض ڪيو: جَو جي هڪ داڻي جي برابر. فرمايو: توهان ته وڏا تنگ دست آهيو. پوءِ هي آيت نازل ٿي وئي:
ءَاَشْفَقْتُمْ اَنْ تُقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیْ نَجْوٰىکُمْ صَدَقٰتٍ ؕ
(پارہ:28 ، سورۀ مجادله:13)
ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا توهان هن ڳالهه کان ڊڄي ويؤ جو توهان پنهنجي عرض کان پهريان ڪجهه صدقا ڏيو.
حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: سو منهنجي ڪري الله پاڪ هن امت تي آساني فرمائي ڇڏي.
سُبۡحٰنَ الله! هي حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو شان آهي، پوري امت ۾ سندن کي هڪ اهڙو صدقو ڏيڻ جي به سعادت حاصل آهي جو اهڙو صدقو ادا ڪرڻ جو ڪنهن کي موقعو ئي ناهي مليو.
یا علیَّ المرتَضیٰ، مولیٰ علی مشکلکُشا آپ ہیں شیرِ خدا، مولیٰ علی مشکلکُشا
پیکرِ جُودو سخا تُو، میں فقیر و بےنوا تُو ہے داتا میں گدا، مولیٰ علی مشکلکُشا
اهڙي طرح سيپاري: 3، سورت بقره، آيت: 274 ۾ به حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي نرالي سخاوت جو بيان آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: