Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

یٰۤاَیُّہَا  الَّذِیْنَ  اٰمَنُوْۤا  اِذَا  نَاجَیْتُمُ الرَّسُوْلَ  فَقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیْ نَجْوٰىکُمْ صَدَقَۃً ؕ

(پارہ:28 ، سورۀ مجادله:12)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان رسول سان اڪيلائي ۾ ڪا ڳالهه عرض ڪرڻ چاهيو ته پنهنجي عرض کان پهريان ڪجهه صدقو ڏئي ڇڏيو.

  هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ حڪم ڏنو ته جڏهن توهان اسان جي پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ اڪيلائي ۾ ڪجهه عرض ڪرڻو هجي ته ان عرض کان پهريان صدقو ڏيندا ڪيو! بعض روايتن موجب ان حڪم تي رڳو حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ عمل ڪيو، سندن هڪ دينار صدقو ڪري پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  کان 10 مسئلا پڇا. ([1])   

ڪو ٻيو صحابي به ان تي عمل ڪري ها، ان جو اڃا موقعو نه آيو هو ته اهو حڪم منسوخ ٿي ويو ۽ الله پاڪ هي آيتِ ڪريمه نازل فرمائي:

ءَاَشْفَقْتُمْ  اَنْ  تُقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیْ نَجْوٰىکُمْ صَدَقٰتٍ ؕ فَاِذْ لَمْ تَفْعَلُوْا وَ تَابَ اللّٰہُ  عَلَیْکُمْ فَاَقِیْمُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتُوا الزَّکٰوۃَ  وَ اَطِیْعُوا اللّٰہَ  وَ رَسُوْلَہٗ ؕ

  (پارہ:28 ، سورۀ مجادله:13)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا توهان هن ڳالهه کان ڊڄي ويؤ جو توهان پنهنجي عرض کان پهريان ڪجهه صدقا ڏيو پوءِ جڏهن توهان (هي) نه ڪيو ۽ الله پنهنجي مهرباني سان توهان تي رجوع فرمايو ته توهان نماز قائم ڪيو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله ۽ ان جي رسول جا فرمانبردار رهو.

حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: جڏهن هي مبارڪ آيت:

یٰۤاَیُّہَا  الَّذِیْنَ  اٰمَنُوْۤا  اِذَا  نَاجَیْتُمُ الرَّسُوْلَ 

(پارہ:28 ، سورۀ مجادله:12)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان رسول سان اڪيلائي ۾ ڪا ڳالهه عرض ڪرڻ چاهيو.


 

 



[1]...تفسیر مدارک ،پارہ: 28،سورۂ مجادلہ ،زیرِ آیت:12 ،جلد:3 ،صفحہ:450۔