Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

الله اڪبر! اي عاشقانِ شيرِ خدا! غور ڪيو! ابنِ مُلۡجَم قاتلاڻو حملو ڪيو، ان جي حملي سبب حضرت مولا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ زخمي آهن، شهادت ويجهو آهي، ان جي باوجود سندن ابنِ مُلۡجَم سان ڪهڙو سٺو سلوڪ ڪري رهيا آهن...!! افسوس! اڄڪلھ جاني دشمن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ ته رهي پري جي ڳالهه، اسان ته ڪجهه سِڪن خاطر پنهنجي سڳي ڀائرن سان وڙهڻ لڳندا آهيون، ٿوري ٿوري ڳالهه تان پنهنجي عزيز رشتيدارن سان مرڻ جيئڻ ختم ڪري ڇڏيندا آهيون. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم ڪري. ڪاش! اسان مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي سيرت کان سبق سکون ۽ جيڪو اسان سان برو سلوڪ ڪري، ان سان به چڱائي سان پيش ايندا ڪيون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  جي سخاوت جي شان

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي شان تمام بلند آهي، قرآن ڪريم جون ڪيئي آيتون سندن حق ۾ نازل ٿيون. حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو نهايت پيارو وصف جنهن کي قرآن ڪريم هڪ کان وڌيڪ هنڌن تي بيان ڪيو، اهو آهي: سندن سخاوت جي شان ۽ صدقو خيرات ڪرڻ جي عادت. سخي ته ٻيا به کوڙ آهن، صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جي سيرت پڙهي ڏسو! ڪيئي سخي ملندا پر سخاوت جو جيڪو نرالو انداز قرآن ڪريم حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو بيان ڪيو آهي، هي سندن جو ئي خاصو آهي.

حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  جي خصوصيت.

قرآنِ پاڪ ۾ هڪ اهڙي صدقي جو ذڪر به موجود آهي، جيڪو رڳو حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ئي ادا ڪيو آهي، ڪنهن ٻئي کي هن تي عمل جو وقت ئي نه مليو. اهو صدقو ڪهڙو آهي؟ الله فرمايو: