Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai
وَ یُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰی حُبِّہٖ مِسْکِیْنًا وَّ یَتِیْمًا وَّ اَسِیْرًا (۸) اِنَّمَا نُطْعِمُکُمْ لِوَجْہِ اللّٰہِ لَا نُرِیْدُ مِنْکُمْ جَزَآءً وَّ لَا شُکُوْرًا (۹)
(پارہ:29، سورۀ دھر :8-9)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهي الله جي محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي کاڌو کارائن ٿا اسان توهان کي خاص الله جي رضا جي لاءِ کاڌو کارايون ٿا. اسان توهان کان نه بدلو گهرون ٿا ۽ نه مهرباني.
هن آيتِ ڪريمه ۾ امير المؤمنين حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ۽ سندن اهلِ خانه جي ايمان افروز سخاوت جو بيان آهي، روايتن ۾ آهي: هڪ ڀيرو حضرت حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُما بيمار ٿي پيا، جنهن تي سندن والد صاحب حضرت علي شيرِ خدا، انهن جي والدہ حضرت فاطمةالزهرا ۽ خادمه حضرت فضّه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم منت (باس) باسي ته الله پاڪ شهزادن کي صحت عطا فرمائيندو ته اسان 3 روزا رکنداسين.
جيئن ته الله پاڪ جو ڪرم ٿيو، ٻنهي شهزادن کي صحت نصيب ٿي، پوءِ منّت(باس) پوري ڪرڻ لاءِ ٽنهي 3 روزا رکيا. حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ 3 صاع جَو آندا، پهريون روزو رکيو، إفطار لاءِ هڪ صاع (يعني تقريباً 4 ڪلو جَو) جون مانيون ٺاهيون ويون، افطار جو وقت ٿيو ته ٽنهي روزيدارن جي سامهون مانيون رکيون ويون، افطار جو انتظار ڪيو پئي ويو ته دروازي تي هڪ مسڪين حاضِر ٿيو، ان ماني جو سوال ڪيو، سخي گهراڻو هو، در تي آيل سوالي هٿين خالي وڃي اهو پسند نه هو، تنهنڪري اهي سڀئي مانيون ان مسڪين کي ڏئي ڇڏيون ۽ پاڻ ٽنهي پاڻي سان روزو افطار ڪيو. اڳين ڏينهن ٻيهر افطار جو وقت ٿيو، هڪ صاع (يعني تقريباً 4 ڪلو) جَو جون مانيون بڻايون ويون، دسترخوان تي رکيون ويون، افطار جو انتظار ڪيو پئي ويو، اڄ هڪ يتيم دروازي تي آيو، ان به ماني جو سوال ڪيو، سخي گهراڻي اڄ به سڀئي